چيٽ جِي پِي ٽِي ٿرڊ پارٽي پليٽ فارم بڻجي ويو، واهپيدارن جي ڊيٽا ليڪ ٿيندي؟

اوپن اي آءِ طرفان چيٽ جِي پِي ٽِي کي هاڻي ڪيترين ئي ايپس جو پليٽفارم بڻايو پيو وڃي.
ان جو مقصد اهو آهي ته مصنوعي ڏاهپ (اي آءِ) چيٽ بوٽ کي هڪ ڳالهه ٻولهه واري ايپ اسٽور ۾ تبديل ڪيو وڃي.
اوپن اي آءِ طرفان مختلف ٿرڊ پارٽي ايپس جهڙوڪ بُڪنگ ڊاٽ ڪام، ڪينوا، ايڪسپيڊيا ۽ اسپاٽيفاءِ وغيرا کي چيٽ جي پي ٽي جو حصو بڻايو پيو وڃي.
يعني هاڻي ڪنهن ٽاسڪ دوران توهان لاڳاپيل خدمتون بنا ڪنهن لنڪ تي ڪلڪ جي سڌي ريت استعمال ڪري سگهندئو.
مثال طور توهان چيٽ جي پي ٽي ذريعي نئون اسپاٽيفاءِ پلي لسٽ تيار ڪري سگهندئو يا سياحتي ٽور جي بُڪنگ ڊاٽ ڪام ذريعي پڪ ڪري سگهندئو.
رڳو هڪ ئي پروموٽ ذريعي اي آءِ چيٽ بوٽ کي مختلف ٽاسڪن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، اهو به چيٽ جي پي ٽي اندر ئي رهي ڪري.
چيٽ جي پي ٽي ۾ توهان پنهنجي ڪم موجب ڪنهن به ايپ کي پنهنجي چيٽ جو حصو بڻائي استعمال ڪري سگهندئو.
اِهو فيچر چيٽ جي پي ٽي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي، پر يورپي يونين ۾ ان جو استعمال ممڪن نه هوندو.
اوپن اي آءِ موجب، ايندڙ ڪجهه مهينن اندر ٿرڊ پارٽي پارٽنرز جو انگ وڌايو ويندو، جڏهن ته ڊيولپرز کي پنهنجون ايپس ٺاهڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي.
ڪمپني اڃا تائين اهو واضح نه ڪيو آهي ته ايپ ڊيولپرز ان ذريعي ڪهڙي نموني پئسا ڪمائي سگهندا؟
ان کانسواءِ توهان چيٽ جي پي ٽي ۾ ڪا نئين ايپ استعمال ڪندئو ته اي آءِ چيٽ بوٽ توهان کان اجازت وٺندو ۽ ٻڌائيندو ته توهان جي ڪهڙي ڊيٽا ان تائين پهچندي.
اهڙي طرح ان ايپ سان پنهنجي اڪائونٽ کي جوڙڻ جي به ضرورت پئجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.