اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته علي امين گنڊاپور کي وڏ وزارت واري عهدي تان هٽائي، سندس جاءِ تي سهيل آفريدي کي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير بڻائڻ ڪرڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اڃا تائين ان دعويٰ جي ترديد يا تصديق نه ڪئي وئي آهي، پر بشريٰ بي بي جي وڪيل راءِ سليمان علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي تصديق ڪئي آهي.
ياد رهي ته تازو علي امين گنڊاپور طرفان عمران خان جي ڀيڻ عليما خان تي الزام مڙهيا ويا هئا، جڏهن ته جواب ۾ عليما خان به مٿس الزام لڳايا هئا.
ان کانسواءِ پي ٽي آءِ باني عمران خان به صوبي جي حڪومتي معاملن ۽ پارٽي جي اندروني حالتن بابت خدشن جو اظهار ڪيو هو.
You might also like