ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي وود جي ليجنڊري فلمساز، هدايتڪار مهيش ڀٽ ” ڀوپي“ جي چوڻ تي پرڊيوسر کي انساني گوشت پاڻ ۾ ملائي کارائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
تازو ئي مهيش ڀٽ پنهنجي ڌيءَ پوجا ڀٽ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعاتي دور ۾ ڪيل جدوجهد بابت ويچار ونڊيا.
مهيش ڀٽ موجب، ”ڪيريئر جي شروعات ۾ جڏهن مان فلمون ٺاهڻ لاءِ ڏکئي مرحلي مان گذري رهيو هوس، تڏهن منهنجي دوست ارون ديسائي مون کي صلاح ڏني ته مان بِهار جي شهر ’گيا‘ ۾ هڪ فنانسر سان ملاقات ڪريان.“
مهيش ڀٽ چيو ته ”فنانسر سان ملڻ کان اڳ منهنجي دوست فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي هڪ ’گُرو‘ سان به ملندو، جڏهن اسان گرو سان ملڻ لاءِ پهتاسون ته اتي هن سان ملاقات لاءِ ماڻهن جون ڊگهيون قطارون لڳل هيون، اهو گُرو حقيقت ۾ هڪ نوجوان ڀوپو هو، جيڪو هٿ ۾ رم جي بوتل کڻي نچندو رهندو هو.“
فلمساز جو چوڻ هو ته ”ان ڀوپي مون کي ڏسندي ئي سڃاڻي ورتو ته مان سندس طاقتن تي يقين نٿو رکان، هن اسان کي اميد ڏياريندي چيو ته سڀاڻي ٻيهر اچجو، جڏهن اسان ٻئي ڏينهن واپس وياسين ته هن پنهنجي الماڙي مان ريپر ۾ ويڙهيل هڪ گوليءَ جهڙي شيءِ ڪڍي، ان مان ٿورو ٽڪرو ڪڍي ڪاغذ ۾ ويڙهي اسان کي ڏيندي چيو ته اهو انساني گوشت آهي، جيڪو مان گھاٽن تان وٺي آيو آهيان، اهو کڻي وڃي پنهنجي فنانسر کي کارايو، هو توهان کي پئسا ڏيندو.“
مهيش ڀٽ موجب، ”ان کان پوءِ مان ۽ منهنجو دوست وڏي اميد سان فنانسر سان ملڻ وياسين، فنانسر ’گيا‘ جي ڀرسان هڪ وڏو زميندار هو، جنهن جا سيڪيورٽي گارڊ هٿيارن سان بيٺل هئا، پهرين ڏينهن اسان کيس اهو گوشت کارائڻ ۾ ناڪام رهياسين، پوءِ اسان رٿ رٿي ته اهو گوشت پان ۾ وجهي کيس کارائبو “
”ٻئي ڏينهن جڏهن اسان فنانسر وٽ وياسين ته اسان پاڻ سان گڏ پان کڻي وياسين ۽ گهڻي منٿن کانپوءِ کيس پان کائڻ تي راضي ڪيوسين، هن اسان جي سامهون پاڻ چٻاڙيو ۽ اسان خوش ٿي وياسين ته هاڻي شايد مالي مسئلو حل ٿي ويندو، پر پوءِ منهنجي دوست ٻڌايو ته ان همراهه اسان کي پئسا ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو.“