جيڪڏهن توهان مصروف زندگي سبب جم نٿا وڃي سگهو ته پريشان نه ٿيو، نئين تحقيق موجب روز رڳو 15 منٽ تڪڙي پنڌ ڪرڻ توهان کي صحتمند رکڻ لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿو.
تحقيق جي مصنف ڊاڪٽر وي زينگ موجب عام طور تي هفتي ۾ 150 منٽ وچولي شدت جي جسماني سرگرمي تجويز ڪئي ويندي آهي ته جيئن صحت جا فائدا حاصل ڪري سگهجن.
پر جيڪڏهن وقت ڪڍڻ ڏکيو هجي ته روز گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽ تڪڙي پنڌ ڪري به فائدا ماڻي سگهجن ٿا.
ڊاڪٽر زينگ، جيڪو وينڊر بلٽ يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر ۾ ايپيڊيميالوجي سينٽر جو ڊائريڪٽر آهي، چئي ٿو ته توڙي جو اها خبر آهي ته تڪڙي پنڌ ڪرڻ هوريان پنڌ ڪرڻ کان بهتر آهي پر ان تي گهٽ تحقيق ٿي آهي ته روز ڪيترا منٽ تڪڙي پنڌ ڪرڻ فائديمند آهي.
تحقيق سان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو روز گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽ تڪڙي پنڌ ڪندا هئا، انهن ۾ وقت کان اڳ موت جو خطرو تقريبن 20 سيڪڙو گهٽ ٿي ويو، جڏهن ته اهي ماڻهو جيڪي روز ٽي ڪلاڪن کان وڌيڪ هوريان پنڌ ڪندا هئا، انهن ۾ اها گهٽتائي رڳو 4 سيڪڙو هئي.
دل جي صحت جي ماهر ڊاڪٽر اينڊريو فري مين موجب اسان ڄاڻون ٿا ته پنڌ ڪرڻ جي رفتار نتيجن سان جڙيل هوندي آهي، جيترو تيز پنڌ ڪجي ايترا بهتر نتيجا.
پنڌ ڪرڻ وزن ۽ شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ، ڪينسر جي خطري کي گهٽ ڪرڻ، سنڌن جي سور ۾ گهٽتائي ۽ مدافعتي قوت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، ان کانسواءِ هو ننڊ کي به بهتر بڻائي ٿو ۽ دماغ جي صحت لاءِ به فائديمند آهي.
تڪڙي پنڌ ڪرڻ جو عمل دل جي مرضن، دل جي ڌڙڪي جي بي ترتيبي ۽ شگر جي امڪانن کي به گهٽائي ٿو.
برطانيا جي نيشنل هيلٿ سروس موجب جيڪڏهن توهان پنڌ ڪرڻ دوران ڳالهائي سگهو پر گانو نه ڳائي سگهيو ته توهان تڪڙي پنڌ ڪري رهيا آهيو.
You might also like