سنڌ ڪنهن وڏيري جي جاگير ناهي جنهن کي توهان هر فورم تي ”سنڌو ديش“ چوندا آهيو: عظميٰ بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته سنڌ ڪنهن وڏيري جي جاگير ناهي، جنهن کي توهان هر فورم تي سنڌو ديش چوندا آهيون.
پ پ اڳواڻن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته هڪ پاسي توهان سيز فائر جي ڳالهه ٿا ڪيو ٻئي پاسي هر هر هوائي فائرنگ ڪرڻ اچي ٿا وڃو، زهر اوڳاڇي اسان مان سيز فائر جي اميد ڪيئن ٿا رکو، جيڪو به گهران ٿو نڪري مائيڪ اڳيان رکي ويهي ٿو رهي، زهر اوڳاڇي، گاريون ڏئي وري مفاهمت جي ڳالهه ڪيئن ٿا ڪيو، اسان جواب ڏيون ٿا ته پٽڪو ٿا ڪيو.
هن چيو ته اسان کي جمهوريت جو ليڪچر نه ڏيو، توهان جمهوريت جي ذميواري پنهنجي نازڪ ڪلهن تي ناهي کنئي، جيڪڏهن توهان ڏينهن رات اسان جي ليڊرشپ تي حملا ڪندئو ته ڇا توهان کي هار پارائينداسين، اهو اسان جي ليڊرشپ جو وڏپڻو آهي جو ذاتي حملن تي به چُپ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.