جنرل عاصم ملڪ جي جاءِ تي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ ڪير هوندو؟

لاهور(مزمل سهروردي) ذريعن موجب ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل عاصم ملڪ جي مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ جا اطلاع آهن،ڪنهن به وقت نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ٿي سگهي ٿي،28 نومبر تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد به رٽائر ٿي رهيو آهي،جنرل عاصم ملڪ جي چوائس اهي ٿي سگهي ٿي ته کيس 28 نومبر تائين مدي ۾ واڌ ڏني وڃي ته 28 نومبر تي کيس جنرل ساحر شمشاد مرزا جي جاءِ تي  فور اسٽار جنرل طور پروموشن ملي وڃي،ان سان کيس ٽي  سال وڌيڪ ملي ويندا،عسڪري ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو مشڪل آهي ته جنرل عاصم ملڪ کي پروموٽ ڪيو وڃي،کيس قومي سلامتي جو صلاحڪار به ان ڪري بڻايو ويو هو ته هو رٽائرمينٽ کانپوءِ به قومي سلامتي صلاحڪار طور ڪم ڪندو رهي،ذريعن موجب آءِ ايس آءِ جي نئين سربراهه جي مقرري ٿي ويندي،گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته ڊي جي ملٽري انٽيليجنس ميجر جنرل واجد پروموٽ ٿي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ ٿي سگهي ٿو ٻئي پاسي گهڻن ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير وٽ هڪ ”نئون ڊارڪ هارس“ آهي جيڪو ان عهدي تي اچي سگهي ٿو،هن وقت ڪل 29 ليفٽيننٽ جنرل آهن انهن مان ڪو به ڊي جي آءِ ايس آءِ ٿي سگهي ٿو پر ان لاءِ انٽليجنس جو تجربو هئڻ گهرجي،ٻئي پاسي گهڻن ماڻهن جي اها به راءِ آهي ته ڊي جي سي ميجر جنرل فيصل نصير کي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو وڃي پر هن جي پروموشن اڃا لائن ۾ ناهي،گهڻا ئي سينئر ميجر جنرل قطار ۾ آهن جڏهن ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جڏهن پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي رهيو هو ته هو 9 ڄڻن کي ليفٽيننٽ جنرل بڻائي ويو هو حالانڪه فوج ۾ سيٽون رڳو چار هيون پر هاڻي موجوده اسٽيبلشمينٽ قيادت ميرٽ تي فيصلا ڪري جيتريون سيٽون هونديون اوترا پروموشن ڪندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 07 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.