جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ۾ ريلوي تلاءَ وٽ هڪ افسوسناڪ واقعوپيش آيو، جتي جوابدار عبدالوحيد بروهي پنهنجي نوجوان گهرواري مسمات حفصا عرف صنم بروهي کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ گهر اندر گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو۔ واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويو۔ اطلاع ملڻ تي صدر ٿاڻي جي پوليس پهچي مقتولا جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرياڻي پاران پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ايمبولينس ذريعي لاش گهر کڻي ويا۔ گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو. ان سلسلي ۾ مقتولا جي سس مسمات اميران بروهي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ننهن کي منهنجي پٽ عبدالوحيد بروهي گوليون هڻي قتل ڪيو، جيڪو واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو۔ هوڏانهن آخري اطلاعن تائين صدر ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.