بيروت کي اسرائيل ۽ ڪراچي کي اسان تباهه ڪيو

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچي هڪ وقت ۾ ڏکڻ ايشيا جو معاشي مرڪز ۽ روشنين جو شهر سڏبو هو، اڄ تباهيءَ جي علامت بڻجي چڪو آهي. ماهرن موجب 1960 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ چين جا ماڻهو ڪراچيءَ جي ترقي ڏسڻ ايندا هئا، ڇو ته ان وقت حبيب بينڪ پلازا جهڙيون بلند عمارتون سڄي علائقي ۾ ڪٿي به موجود نه هيون، نه هندستان، نه بنگلاديش، نه دبئي ۾. ان وقت ڪرائي هو ۽ بيروت هو، دبئي تڏهن رڳو هڪ ننڍڙو اسمگلنگ پورٽ هو، جڏهن ته ڪراچيءَ کي مڊل ايسٽ ۽ ڏکڻ ايشيا جو واپاري ۽ صنعتي مرڪز سمجهيو ويندو هو. بيروت کي اسرائيل تباهه ڪيو، ڪراچي کي اسان تباهه ڪيو. اقتصادي ماهر، اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري يونس ڊاگها هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ نجي ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ (نيشنلائزيشن) پاڪستان جي معاشي زوال جو پهريون وڏو قدم ثابت ٿيو. ان پاليسي سان پرائيويٽ سيڪٽر تباهه ٿيو، سيڙپڪار ڀڄي ويا ۽ سرڪاري ادارا رشوت ۽ ڪرپشن جا مرڪز بڻجي ويا. بعد ۾ اسلامي ضابطن جي نالي تي پابندين سان شهر جو سماجي ۽ ثقافتي روپ به تبديل ٿي ويو. 1979ع ۾ افغان جهاد دوران هٿيار ۽ هيئرون ڪراچيءَ ۾ داخل ٿي، جنهن کان پوءِ لاقانونيت، لسانيت ۽ دهشتگردي وڌي وئي. شهر ۾ تعليم، صحت ۽ واپار جا ادارا تباهه ٿيا، نتيجي ۾ پرڏيهي شاگرد، سيڙپڪار ۽ سياح اچڻ ڇڏي ڏنو. ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪراچي تباهه نه ٿئي ها ته پاڪستان اڄ به خطي جي سڀ کان اڳڀري معيشت هجي ها. ڪراچيءَ جي تباهي اصل ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سماجي زوال جي وڏي علامت آهي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.