صدر زرداري ڪاوڙيل،هائبرڊ نظام جي ”ضامنن“ ۽ ن ليگ لاءِ سخت پيغام

لاهور(امداد سومرو)پنجاب ۾ ن ليگ جي پ پ خلاف بيان بازي تي صدر آصف علي زرداري ڪاوڙجي پيو،مريم نواز ۽ پ پ جي جهيڙي وفاق کي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي،پنجاب ۾ ان ڇڪتاڻ سان مريم نواز تي ڪو به فرق نه پئجي رهيو آهي ڇو ته اسيمبلي ۾ ن ليگ کي اڪثريت حاصل آهي پر مرڪز ۾ فرق پوي ٿو،ڪالهه به ن ليگ کي نه سينيٽ ۽ نه ئي قومي اسيمبلي هلائڻ مشڪل پئجي وئي،وڏن جي وچ ۾ پوڻ باوجود اهو جهيڙو اڳتي وڌندي نظر اچي رهيو آهي،مريم نواز ڪمال مهارت سان اهو جهيڙو سنڌ ۽ پنجاب جي جهيڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي،ڇڪتاڻ جي شروعات ته بلاول ڀٽو جي پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کان ٿي،جڏهن کيس ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ کان روڪيو پئي ويو،اطلاع آهن ته بلاول ڀٽو جي پنجاب دوري ۾ ساڻس ڪيل سلوڪ ۽ آصفه ڀٽو زرداري جي باري ۾ بيانن بابت رپورٽون ملڻ تي صدر زرداري ڪاوڙ ۾ آهي،حالانه ان کان اڳ پ پ پنجاب پاران صدر زرداري کي ن ليگ جي باري ۾ شڪايتون ڪيون وينديون هيون پر صدر زرداري کين چپ ڪرائي ڇڏيندو هو ۽ هدايتون ڪندو هو ته مفاهمت جاري رکو ان تي بند ڪمرن ۾ پ پ اڳواڻ ميارون ڏيندا هئا ته اسان کي ته ”صدر صاحب مارائي ڇڏيو آهي،نه سياست ڪرڻ ڏئي ٿو،اسان نه هيڏانهن جا آهيون نه هوڏانهن جا آهيون“هاڻي محسن نقوي کي گهرائي صدر زرداري پنهنجي ڳالهه ”ٻئي ڪٿي“ پهچائڻ چاهي ٿو،هن محسن نقوي ذريعي سسٽم جي ضامنن ۽ ن ليگ لاءِ سخت پيغام موڪلي ڇڏيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 07 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.