امارتي حسينا حسن جا جلوا وکيرڻ لاءِ تيار، مس يونيورس مقابلي ۾ نظر ايندي

ابوظبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ اماراتي ڄائي عورت ”مس يونيورس“ جي عالمي مقابلي ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندي.
ڇويهه ورهين جي مريم محمد، جيڪا فيشن جي اسٽونٽ ۽ ماڊل آهي، نومبر ۾ ٿائيلينڊ ۾ ٿيندڙ حسن جي عالمي مقابلي ۾ گڏيل عرب امارتن جي نمائندگي ڪندي.
مس يونيورس 2025ع جو مقابلو ٿائيلينڊ ۾ ٿيندو، جتي سڄي دنيا جون 130 کان وڌيڪ خوبصورت حسينائون پنهنجن ملڪن جي نمائندگي ڪنديون.
مريم محمد جي شرڪت نه رڳو گڏيل عرب امارتن پر پوري عرب دنيا لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.