عوام لاءِ بُري خبر، کير 300 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي ستايل عوام لاءِ بري خبر اچي وئي، ڇو ته کير 300 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
ڊيري فارمرز کير جي اگهه ۾ واڌ جو مطالبو ڪندي 11 آڪٽوبر کان قيمت 300 رپيا في ليٽر ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
ڪمشنر هائوس ڪراچي ۾ کير جي اگهن بابت اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ ڊيري فارمز، هول سيلرز ۽ ريٽيلرز حڪومت کان فوري طور کير جا نوان اگهه مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ڊيري فارمرز موجب تازي ٻوڏ ڊيري سيڪٽر کي وڏو نقصان پهچايو آهي، جنهن سبب کير جي پيداواري لاڳت ۾ 30 سيڪڙو واڌ ٿي چڪي آهي ۽ هو روز وڏو نقصان برداشت ڪري رهيا آهن.
ايسوسيئيشن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت مطالبا نه مڃيا ته وزيراعليٰ هائوس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو ۽ کير جو اگهه 300 رپيا في ليٽر ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.