ايران، ٽرمپ جي تجويز ڪيل ” غزا امن ٺاهه “ جي حمايت جو اشارو ڏئي ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران اهو اشارو ڏنو آهي ته هو غزا ۾ امن لاءِ آمريڪي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز ڪيل منصوبي جي حمايت ڪندو.
واضح رهي ته ايران ڪيترن سالن تائين حماس کي مالي سهائتا فراهم ڪندو رهيو آهي.
ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته تهران هر اهڙي منصوبي جي حمايت ڪري ٿو جنهن سان ”غزا ۾ جاني نقصان روڪي سگهجي.“
ان سان گڏوگڏ ترجمان خبردار ڪيو ته ان منصوبي جا ڪجهه حصا خطرناڪ پڻ آهن.
سندس چوڻ هو ته منصوبي بابت آخري فيصلو فلسطيني عوام کي پاڻ ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.