پاڪستان دنيا جي اڀرندڙمعيشتن ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو:بلوم برگ

نيويارڪ (م ڊ) آمريڪي رسالي موجب پاڪستان دنيا جي اڀرندڙ معيشتن ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو، آمريڪي رسالي چيو آهي ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن مان هڪ آهي، جنهن بابت ڏيوالي ٿيڻ جا خدشا نمايان طور گهٽجي ويا آهن،  سرڪاري اداري اي پي پي جي رپورٽ موجب بلوم برگ جي تازي انگن اکرن ۾ پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جن ڏيوالي جي خطري ۾ سڀ کان وڏي گهٽتائي ڏيکاري آهي، بلوم برگ موجب اڀرندڙ معيشتن جي عالمي فهرست ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي ٻئي نمبر تي رهي، جڏهن ته ترڪيه پهرين نمبر تي آهي، گذريل 15 مهينن (جون 2024 کان سيپٽمبر 2025 تائين) دوران پاڪستان جي ڏيوالي ٿيڻ جا امڪان 2200 پوائنٽن تائين بهتر ٿيا آهن، جيڪو ملڪ جي مستحڪم معاشي بهتريءَ جو ثبوت آهي، ڇو ته پاڪستان واحد معيشت آهي جنهن هر ٽه ماهي ۾ مسلسل سڌارو ڏيکاريو، بلوم برگ موجب هن بهتري جا اهم ڪارڻ آهن، معاشي استحڪام، ڍانچي ۾ سڌارا، قرضن جي وقت سر ادائيگي، آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسين (S&P، فچ، موڊيز) جون مثبت درجابنديون، جيڪي دنيا کي اهو پيغام ڏين ٿيون ته پاڪستان ڏيوالي جي خطري مان نڪري، هڪ مستحڪم ۽ اصلاحات تي اڳتي وڌندڙ ملڪ طور سامهون اچي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.