ميرپورماٿيلو (رپورٽ: علي وسير) ميرپور ماٿيلو ۾ ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني آڏو مقامي شاگردن پاران روزگار لاءِ 17 ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، جڏهن ته ڪمپني انتظاميا ڌرڻو هڻي ويٺلن جو پاڻي ۽ / بجلي بند ڪرائي ڇڏي آهي. ڌرڻي ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل جي مرڪزي اڳواڻ مولانا اياز قمي شرڪت ڪندي چيو ته ڌرتي جي وارثن سان زيادتي نه برداشت ڪئي ويندي، شريعت مطابق پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي. مولانا اياز قمي چيو ته ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني کي خبردار ڪجي ٿو ته مقامي نوجوانن کي فوري روزگار فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هن الزام لڳايو ته رياست مقامي ماڻهن جا حق لتاڙي رهي آهي، ۽ اسان پنهنجا حق ڇني وٺنداسين. شاگرد اڳواڻن علي مراد مهر ۽ حفيظ پنهور چيو ته کين ٽريننگ ڪرائڻ بعد نوڪري بدران ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، ۽ پوليس ذريعي هراسان ڪيو ويو. هنن چيو ته پر امن ڌرڻي باوجود، ڪمپني پاڻي بند ڪري ظلم ڪيو آهي، پر هو روزگار ملڻ تائين احتجاج جاري رکندا.