ڪراچي(عوامي آواز نيوز)حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) سنڌ جي ترجمان اسد عثماني چيو آهي ته سنڌ جو باشعور عوام صوبائي حڪومت جي نااهلي کان سخت تنگ اچي ويا آهن۔ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پوري سنڌ حڪومت مريم نواز کان خوفزده آهي، جڏهنته پنجاب جي وزيراعليٰ پنهنجي صوبي جي عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي،هن چيو ته سنڌ جي وزيرن وٽ جڏهن ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه هوندو ته هو مريم نواز تي ڪوڙا الزام ۽ بي بنياد تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کان عوام بيزار ٿي چڪو آهي۔ن ليگ جي ترجمان چيو ته سنڌ جا وزير اهو ٻڌائين ته ڪنهن هڪ اهڙي منصوبي تي ڪم ڪيو آهي جنهن سان عوام کي سڌو فائدو پهتو هجي۔ هن چيو ته جڏهن وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪري ٿي ته پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت انهن منصوبن کي به روڪرائي ڇڏيندي آهي۔اسد عثماني وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) هميشه ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ ن ليگ جي قيادت “ڪشڪول ٽوڙڻ” جي علامت رهي آهي۔هن ياد ڏياريو ته جڏهن به سنڌ ۾ سيلاب يا ڪا ٻي آفت آئي، شهباز شريف ۽ نواز شريف سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺا۔ترجمان چيو ته ڪراچي ۾ امن و امان بحال ڪرڻ هجي يا پاور پلانٽ جو مسئلو حل ڪرڻ، لياري ايڪسپريس وي هجي يا گرين بس منصوبا — اهي سڀ ن ليگ جا ڪارناما آهن۔اسد عثماني جو چوڻ هو ته هاڻي سنڌ جا باشعور ماڻهو به مسلم ليگ (ن) ڏانهن اميد سان ڏسي رهيا آهن، ۽ اهوئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي پريشان ۽ خوفزده آهي، ڇو ته سنڌ ۾ عوام نئين قيادت ۽ نئين حڪمراني چاهي ٿو۔
سنڌ جا حڪمران پنجاب تي تنقيد ڪن،کل جوڳي ڳالهه آهي: شاهه اويس نوراني
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)جمعيت علما پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل شاهه اويس نوراني ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته مان نه سنڌي آهيان، نه پنجابي ۽ نه ئي لسانيت جي ڪنهن ويڙهه جو حصو آهيان۔پر اها حد ٿي وئي جو سنڌ جا حڪمران پنجاب تي تنقيد ڪن ٿا،هن چيو ته پنجاب ۾ به سڀ ڪجهه مثالي ناهي، پر جيڪڏهن سنڌ سان ڀيٽ ڪجي ته سنڌ تباهي، بربادي، اجاڙ ۽ ظلم جي هڪ زندي تصوير لڳي ٿي۔۽ ان ساري صورتحال جو سبب صرف هڪ وزيراعليٰ جي ضد آهي، جيڪو هر قيمت تي اقتدار سان چنبڙيل رهڻ چاهي ٿو۔