لاهور (عمران شفقت) سعيد چوڌري جي ذريعي موجب نواز شريف بنيادي طور تي مريم نواز سان بيهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نواز شريف ان ڳالهه تي به اعتراض ڪيو ته اعظم نذير تارڙ معافي ڇو ورتي؟ مريم نواز ڇو معافي وٺي، هن ڪا غلط ڳالهه ناهي ڪئي. ذريعن موجب هي اسڪرپٽڊ معاملو ناهي پر مريم نواز ائين ڇو ڪري رهي آهي، ان پٺيان ڪو مقصد هوندو. مريم نواز جيڪو ڪري رهي آهي اهو سوچي سمجهي ڪري رهي آهي في الحال ان تي رڳو اڳڪٿيون ئي ڪري سگهجن ٿيون. اها به اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي ته ٻن پارٽين جي وچ ۾ ڪا ٽئين قوت اچي فائدو کڻي وڃي ٿي يا ٻيا معاملا به ٿي سگهن ٿا. شرجيل ميمڻ چوي ٿو ته پنجاب حڪومت جو اصل نشانو وفاق آهي، اها به سندن سياسي چال ٿي سگهي ٿي. پ پ وارا چئي رهيا آهن ته پ پ کي نشانو بڻائي اصل ۾ مريم نواز پنهنجي چاچي جي حڪومت کي نشانو بڻائي رهي آهي. اسٽيبلشمينٽ شهباز شريف سان ويجهي ۽ ٻنهي ۾ سهڪار آهي. ڏسجي ته ووٽ بينڪ ته نواز شريف جي آهي ته پوءِ وراثت ڪنهن کي ملڻي آهي؟ جڏهن مريم نواز جو پيءُ ڏکيائي ۾ هو ته مريم نواز نڪتي هئي ۽ هن اسٽيبلشمينٽ کي ٽف ٽائم ڏنو هو، عمران خان جي حڪومت سان مهاڏو اٽڪايو هو. نواز شريف جي پولڳن کي شهباز شريف بدران مريم نواز ۾ سندس شڪل نظر اچي ٿي. نواز شريف پنهنجي خيالن ۾ تبديلي ناهي آندي ۽ شهباز شريف جا مخالف خيال رهيا آهن پر ٻنهي وچ ۾ ڪڏهن دوکو ناهي ٿيو. ن ليگ قائد کي شهباز شريف جي خيالن تي هلڻو پيو هو جنهن جي ڪري اڄ شهباز شريف وزيراعظم آهي ۽ مريم نواز وزيراعليٰ آهي. ن ليگ جو ووٽر ۽ سپورٽر ۽ ن ليگ جا اندروني ماڻهو مريم نواز کي وزيراعظم ڏسڻ چاهين ٿا. شهباز شريف جا اسٽيبلشمينٽ سان رابطا ايترا سٺا آهن جو هو اڳتي هلي ٻيهر وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو. ٻئي پاسي مريم نواز جي بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها به اسٽيبلشمينٽ خلاف ناهي پر انهن سان گڏ هلي رهي آهي. پيپلزپارٽي وارن کي جواب ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير هوندي وزيراعظم خلاف سازشون ڪري رهيو هو. ڏسڻو پوندو ته نواز شريف مريم نواز کي سمجهائي ٿو؟ معاملو سلجهي ٿو يا الجهي ٿو. اسٽيبلشمينٽ مريم نواز جي پاليسين ۽ سياست جي انداز کي درست نٿي سمجهي ۽ چاهي ٿي ته وفاقي حڪومت کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي. سسٽم کي ائين هلڻ گهرجي پر سياستدانن جي نظر ڊگهي هوندي آهي، اسٽيبلشمينٽ سان گڏ هلندي هو پنهنجو مستقبل به ٺاهيندا آهن.