حماس اقتدار نه ڇڏيو ته ان جو مڪمل خاتمو ڪنداسين: ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو وري حماس کي ڌمڪي ڏني آهي، هن چيو ته جيڪڏهن تنظيم اقتدار ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ته ان کي مڪمل تباهي کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ خاتمو ڪيو  ويندو. ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه دوران، سوال تي ٽرمپ جواب ڏنو ته جيڪڏهن حماس غزا جو ڪنٽرول فلسطيني عبوري انتظاميا کي نه ڏنو ته سخت نتيجا نڪرندا. هي بيان ٽرمپ جي تجويز ڪيل 20 نقطن واري جنگ ‌بندي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوششن جي وچ ۾ آيو آهي، جنهن ۾ يرغمالين جي آزادين ۽ فوري جنگ بندي شامل آهن. ٽرمپ چيو ته اميد آهي جلد واضح ٿي ويندو ته حماس امن لاءِ پرعزم آهي يا نه، ۽ هن دعويٰ ڪئي ته اسرائيلي وزيراعظم پڻ هن منصوبي سان متفق آهي. ٽرمپ چيو ته هو منصوبي تي تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.