جيڪڏهن سرفراز احمد کي بورڊ ۾ ذميواري ملي ٿي ته اهو سٺو فيصلو هوندو: محمد عامر

لاهور (ويب ڊيسڪ) فاسٽ بالر محمد عامر اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن معاملن ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪري ڇڏي.
سرفراز احمد کي پي سي بي ۾ سليڪشن ڪميٽي جي امڪاني ذميواري ملڻ جي معاملي تي محمد عامر چيو ته سرفراز احمد کي سليڪشن ۾ جيڪڏهن ڪا ذميواري ملي ٿي ته اهو سٺو قدم هوندو، هو ايماندار هجڻ سان گڏ موجوده رانديگرن جي خوبين ۽ خامين کان واقف آهي.
هن چيو ته في الحال اهو ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌو آهي پر جيڪڏهن اهڙي ڪا تجويز غور هيٺ آهي ته سرفراز احمد کي ذميواري ملڻ گهرجي.
محمد عامر رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته هي وقت نوجوان رانديگرن سان گڏ اڳتي وڌڻ آهي، پاڪستان ٽيم ايشيا ڪپ جو فائنل کيڏيو، دعا آهي ته ورلڊ ڪپ جو فائنل کيڏي ۽ ٽرافي کٽي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.