بلاول پرڏيهي وزير هوندي حڪومت ۽ وزيراعظم جون پاڙون پَٽي رهيو هو: عظميٰ بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هو پرڏيهي وزير هوندي وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم جون پاڙون پَٽي رهيو هو.
شرجيل ميمڻ جي پريس ڪانفرنس تي جواب ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب جي ٻوڏ متاثرن تي گندي سياست جو توهان جو بيانيو ناڪام ٿي ويو.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير هوندي به پنهنجي جماعت سميت وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم جون پاڙيون پٽي رهيو هو، جيڪي پيءُ پٽ پاڻ ۾ ناهن ٺهندا اهي اسان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري پنهنجي ڏوهن تي پردو وجهڻ چاهين ٿا.
سندس چوڻ هو ته توهان پاڻ وفاق ۽ پنجاب خلاف سازشون ڪري رهيا آهيون، توهان کان پنجاب جي ترقي برداشت نه پئي ٿئي ته سازشون ڪرڻ لڳا آهيو، جڏهن توهان کان پنهنجي ڪارڪردگي پڇي ويندي آهي ته صوبائيت ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪندا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.