سيڪيورٽي واپس ورتي وئي، ڪجهه ٿيو ته حڪومت ذميوار هوندي: ايمل ولي

پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ايمل ولي چيو آهي ته وفاقي حڪومت منهنجي ۽ منهنجي خاندان جي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي. پنهنجي بيان ۾ ايمل ولي چيو ته جيڪڏهن مون کي يا منهنجي خاندان کي ڪجهه ٿيو ته حڪومت ذميوار هوندي. هن چيو ته مان ماڻهن لاءِ ڳالهائيندو رهندس ۽ جيڪو به منهنجي رستي ۾ ايندو ان لاءِ تيار آهيان. ايمل ولي چيو ته هاڻي مان پرائيويٽ سيڪيورٽي سان وڌيڪ محفوظ سفر  ڪندس. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هاڻي صوبائي حڪومت اسان جي سڀني سيڪيورٽي اهلڪارن کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مان ٻيهر چوان ٿو، هي ڪهڙو مذاق آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.