اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف پاڪستان کي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ استعمال ٿيل گاڏيون درآمد ڪرڻ جي اسڪيمن جو جائزو وٺي، جنهن جي بنياد تي واپار واري وزارت گاڏين جي درآمد لاءِ مختلف اسڪيمن جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ ان حوالي سان جلد فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف چيو آهي ته مختلف اسڪيمن تحت ٻاهرين ملڪن مان گاڏيون درآمد ڪرڻ ۾ وڏي پئماني تي غلط استعمال جو خطرو آهي، جن ۾ گفٽ اسڪيم، پرسنل بيگيج اسڪيم ۽ ٽرانسفر آف ريزيڊنس اسڪيم شامل آهن. انهن اسڪيمن تحت، 180 کان 700 ڏينهن تائين پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني استعمال ٿيل گاڏيون درآمد ڪري سگهن ٿا، ۽ هاڻي حڪومت هن مدي کي 850 ڏينهن تائين وڌائڻ تي غور ڪري رهي آهي. ذريعن موجب، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ٽرانسفر آف ريزيڊنس اسڪيم کانسواءِ ٻين سڀني اهڙين اسڪيمن کي بند ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ڪمرشل درآمد تي پابندي تازو ئي هٽائي وئي هئي. ناڻي واري وزارت غلط استعمال کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ اسڪيمن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ بدران موجوده قابليت جي معيار کي مضبوط ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
ايم ڪيو ايم طرفان ڊي ميرٽ پوائنٽس نظام تي سخت تنقيد
ڪراچي (رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي نون ڏنڊن ۽ ڊي ميرٽ پوائنٽس واري نظام تي سخت ردعمل ڏنو ويو آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي پاليسي، نااهلي ۽ ڪرپشن سبب سڄو صوبي سميت ڪراچي بدترين سهولتن جو شڪار آهي، اهڙي حالت ۾ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي ڳرا ڏنڊ ۽ ڊي-ميرٽ پوائنٽس لاڳو ڪرڻ ڪراچي واسين سان وڏي زيادتي آهي،
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز هجڻ باوجود پيپلزپارٽي حڪومت طرفان نظرانداز ڪيو ويو آهي، شهر جا روڊ ٽٽل، سگنل غيرفعال، ۽ نيڪاسيءَ جو نظام ناڪارا آهي، اهڙي حالتن ۾ شهرين تي ڳرا ڏنڊ مڙهڻ غيرمنصفاڻو ۽ حڪومتي ناڪامين کي لڪائڻ جي ڪوشش آهي، ڊي-ميرٽ پوائنٽس وارو نظام ترقي يافته ملڪن ۾ تڏهن لاڳو ٿئي ٿو، جڏهن شهري محفوظ ۽ منظم ٽريفڪ نظام مان فائدو وٺن پر ڪراچي ۾ ته عوام روزانو خطري ۾ زندگي گذاري رهي آهي ۽ هاڻي انهن تي وڌيڪ ڏنڊ مڙهي ظلم وڌايو پيو وڃي.