اسلام آباد پريس ڪلب تي حملي خلاف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ (پي ايف يو جي ) جي مرڪزي سڏ تي  اسلام آباد پريس ڪلب مٿان پوليس جي چڙهائي ۽ صحافين تي تشدد خلاف ڪراچي يونين آف جرنلسٽ (ڪي يو جي ) طرفان پي ايف يو جي اڳواڻ جاويد چوڌري، ايڇ آر سي پي جي مرڪزي اڳواڻن اقبال بٽ، پروفيسر توصيف احمد، سول سوسائٽي جي اڳواڻن سيما مهيشوري  ، سعيد بلوچ، ڪي يو جي اڳواڻن طاهر حسن، لياقت ڪشميري،مشتاق سهيل، ظفر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان هڪ احتجاجي مظاهرو ڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اسلام آباد پريس ڪلب مٿان پوليس چڙهائي ۽ صحافين تي تشدد ڪندڙ اسلام آباد پوليس جي ايس ايس پي ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف فوري طور قدم کڻي انهن کي معطل ڪيو وڃي، اسلام آباد سميت سموري ملڪ ۾ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، پيڪا ايڪٽ واپس وٺي، پريس مٿان پابنديون ختم ڪيون وڃن. اڳواڻن چيو ته اسلام پريس ڪلب مٿان پوليس چڙهائي جو فيصلو ٻين ادارن جي اجازت سان ڪيو ويو آهي، جن کي ملڪ مان پريس جي آزادي منظور نه آهي. هنن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزيرن جي صحافين کان معافي تيستائين اهميت نه ٿي رکي وڃي، جيستائين اسلام آباد پولیس جي ايس ايس پي سميت ٻين ملوث پوليس آفيسرن خلاف قدم نه ٿو کنيو وڃي. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد تي ٿيل حملي خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان حيدرآباد پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو چاڙھي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ايڇ يو جي پاران حيدرآباد پريس ڪلب آڏو پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي ايف اي سي جي ميمبر اقبال ملاح، ايڇ يو جي صدر وسيم خان، جنرل سيڪريٽري ڄام فريد لاکو، منصور مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد تي حملو آزاد صحافت تي حملو آهي جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي، نيشنل پريس ڪلب اسلام آ باد تي پوليس چڙهائي سان حڪومت جي رٽ تي پڻ سواليه نشان آهي. احتجاج ۾ اڪبر درس نظام مگسي، سکر لاشاري، راجا انور چانڊيو، منير نارائي، خادم چانڊيو، راحبا خان، فاضل چنه شوڪت ميمڻ، رياض بجير، نياز ملاح، اعجاز کوسو، ياسر ڪورائي، نعيم شاھ، نويد ڪي ڪي، سجاد زئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.