اسلام آباد (بيورو/م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو نيشنل پريس ڪلب ۾ پوليس جي ظلم جي واقعي جي مذمت ڪري ٿو ۽ هن ڏکئي وقت ۾ صحافي برادري سان گڏ بيٺو آهي. مولانا فضل الرحمان صحافين سان ايڪي جو اظهار ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب پهتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهه هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو. مان پريس ڪلب ۾ پيش آيل تشدد واري واقعي جي مذمت ڪريان ٿو ۽ صحافين سان ايڪي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته صحافي پرامن ماڻهو آهن ۽ پنهنجون حدون ڄاڻين ٿا. هر حد جو پنهنجو تقدس هوندو آهي. اهي صحافي فيلڊ ۾ نه هئا جو انهن خلاف شڪايتون ڪري سگهجن ۽ نه ئي انهن قانون کي پنهنجي هٿن ۾ ورتو. اسلام آباد پوليس جا آفيسر آيا، انهن تشدد ڪيو ۽ صحافين کي ماريو. هن عمل جي هرگز اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. صحافين جو احتجاج جائز آهي ۽ اهم ماڻهو انهن سان گڏ بيٺا آهن.
You might also like