لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پيپلزپارٽي جي معافي واري مطالبي تي چيو آهي ته مان ڇو معافي وٺان؟ معافي اهو ترجمان وٺي جنهن آفت وقت پنجاب تي تنقيد ڪئي، مريم نوازشريف ڪڏهن به معافي نه وٺندي. لاهور ۾ اليڪٽرڪ بس پروجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته لاهور منهنجو، نوازشريف ۽ شهبازشريف جو گهر آهي، لاهور ۾ هر هنڌ نوازشريف جي محبت ۽ خدمت جا نشان نظر اچن ٿا، ماڻهو لاهور اچن ٿا ته چون ٿا ڄڻ ٻئي ملڪ ۾ آيا هجن، ماڻهو چون ٿا ته پنجاب جي وزيراعليٰ اسان کي ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته ڊسمبر تائين لاهور ۾ وڌيڪ 70 بسون اچي وينديون، شيخوپورا، لاهور ۽ قصور ڊويزن ۾ گڏيل طور 500 بسون ٿين ٿيون. وزيراعليٰ چيو ته 20 لک ماڻهن کي راشن ڪارڊ ڏينداسين، ماهوار 3 هزار رپيا ملندا، 60 هزار خاص ماڻهن کي ڪارڊ ڏنا ويا آهن، هڪ لک تائين پهچائينداسين، سموگ جي خاتمي لاءِ قدم کنيا آهن، فضا کي صاف ڪري رهيا آهيون ته جيئن عوام صاف هوا ۾ ساهه کڻي سگهي. مريم نواز چيو ته پنجاب جا درياءَ پلٽي پيا هئا، 26 ضلعا ٻڏي ويا، پنجاب حڪومت 25 لک ماڻهن کي ٻوڏ مان ٻاهر ڪڍيو، متاثرن کي مهمانن وانگر رکيو ويو، روزانو 3 وقتن جو کاڌو ڏنو ويو، ٻوڏ ۾ 250 ماڻهن کي نانگ ڪکيو جن کي ويڪسين ڏئي سندن زندگيون بچايون ويون. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن حلف کنيو هو ته پنجاب ۾ سرعام قتل، ڦرون ۽ ريپ ٿيندا هئا، اڄ سي سي ڊي ڪجهه مهينن اندر ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، مان پنجاب کي عورتن لاءِ محفوظ صوبي بڻائڻ ٿي چاهيان، پنجاب کي محفوظ بڻائڻو آهي ته جيئن عوام سک سان سمهي سگهي. مريم نواز چيو ته جڏهن پنجاب ۾ ٻوڏ آئي ته هڪ صوبي جا ماڻهو غلط تنقيدون ڪري ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي رهيا هئا، جڏهن ڪنهن صوبي تي آفت ايندي آهي ته اسان چوندا آهيون ته مدد ڪيون، خيبرپختونخوا ۾ آفت آئي ته علي امين گنڊاپور کي فون ڪري پڇيم ته ڪهڙي مدد گهرجي؟ علي امين منهنجي خلاف بيان بازي ڪئي پر خيبرپختونخوا وارا منهنجا ڀائر ۽ ڀينر آهن.وزيراعليٰ چيو ته جڏهن پنجاب تي تباهي آئي ته هو ٽي ٽي پريس ڪانفرنسون ڪري مذاق اُڏائي رهيا هئا، چوندا هئا عالمي امداد ڇو نٿا وٺو؟ جڏهن عوام جو پئسو عوام تي خرچ ڪرڻو هجي ته پنڻو ناهي پوندو، چوندا هئا بي آءِ ايس پي مان امداد ڏيو، اسان چوندا هئاسين ته حقدارن کي نه پر ٻوڏ متاثرن کي امداد ڏيڻ گهرجي، پنجاب پنهنجن پيسن مان ڪئنال ڪڍڻ چاهي پيو پر اجازت نه ڏني ويئي، سي سي آءِ ۾ پنجاب جي عوام جو ڪيس وڙهيو، ماڻهن کي ڪڍي احتجاج ڪرايا ويا، جواب ته ڏيڻو پوندو نه؟ مان پنجاب جي حق جي ڳالهه نه ڪنديس ته ڪير ڪندو؟ مريم نواز چيو ته جڏهن ڪو پنجاب خلاف ڳالهائيندو ته مان جواب ڏينديس، ٽي ٽي پريس ڪانفرنسون ٿينديون رهيون مان خاموش رهيس ڇو ته متاثرن کي رليف ڏيڻ ۾ مصروف هيس، پر ماڻهن سمجهيو ته ڇا پنجاب لاءِ ڳالهائيندڙ ڪو به ناهي؟ هاڻي مان جواب ڏينديس ۽ ڀرپور جواب ڏينديس، پنجاب جي ماڻهن سان ڪا به زيادتي نه ٿيڻ ڏينديس. پيپلزپارٽي جي معافي واري مطالبي تي پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته ” چيو ويو ته مريم نواز معافي وٺي، مان ڇو معافي وٺان؟ معافي اهو ترجمان وٺي جنهن آفت وقت پنجاب تي تنقيد ڪئي، مريم نوازشريف ڪڏهن معافي نه وٺندي، پنجاب جي عوام جي عزتِ نفس جي حفاظت منهنجي ذميواري آهي، قومون پروجيڪٽن سان نه پر خودداري سان ٺهن ٿيون، اڳتي پنجاب بابت ڳالهائڻ کان اڳ سو ڀيرا سوچجو.“پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته صدر آصف زرداري تمام قابلِ احترام آهن، بلاول منهنجو ڀاءُ آهي، جڏهن پنجاب جي عوام تي ڏک جي گهڙي آئي ته اسان مدد نه گهرِي، جڏهن پنجاب تي تباهي آئي ته ٻاهر پريس ڪانفرنسون ڪري ان جو مذاق اڏايو پئي ويو، مون کي چيو ويو ته عالمي امداد ڇو نه ٿي گهرين، پر جڏهن عوام جو پئسو عوام تي خرچ ڪرڻو هجي ته هٿ ٽنگڻ جي ضرورت ناهي.
پنجاب کي ٻوڙڻ واري مريم نواز سان عوام گڏ ناهي: نديم افضل چن
لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن چيو آهي ته پنجاب کي ٻوڏ ۾ ٻوڙڻ واري مريم نواز سان هاڻ عوام گڏ ناهي. هن چيو ته حڪومت جي نااهلي سبب سڄو صوبو عذاب ۾ مبتلا آهي. پنهنجي بيان ۾ نديم افضل چن چيو ته پنجاب جي ڪيترائي ڪلوميٽر زمين پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، جڏهن ته اسڪول، اسپتالون ۽ رستا اڃا تائين ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن. نديم افضل چن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت رڳو جلسن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، پر عوام جي بنيادي مسئلن ڏانهن ڪير به ڌيان نٿو ڏئي. هن چيو ته پنجاب جا ماڻهو هاڻ جلسا نه، پر مڪاني چونڊون چاهين ٿا ته جيئن مسئلن جو حل مقامي سطح تي ٿي سگهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو اهو به چوڻ هو ته اختيارن کي هيٺئين سطح تائين منتقل ڪرڻ کانسواءِ صوبو اڳتي نٿو وڌي سگهي.
مريم جي بيان تي پ پ جو قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان خلاف مسلم ليگ ن جي اتحادي جماعت پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو .قومي اسيمبلي جو اجلاس، جيڪو اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، ان ۾ پيپلز پارٽي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي بيان جي خلاف احتجاج ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر چيو ته اسين هتي احتجاج ڪيو هو، جنهن کان پوءِ حڪومتي ٽيم آئي ۽ اسان سان ڳالهيون ڪيون ويون، پر ميدان تي حالتون اڃا ساڳيون آهن، ڪا به تبديلي نه آئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسين ان وقت تائين هن ايوان جو حصو نه بڻجي سگهون ٿا، جيستائين حالتون تبديل نه ٿين، تنهن ڪري اسين احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪري رهيا آهيون. بعد ۾ حڪومتي ميمبر پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي پرچائي واپس قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا۔
پنهنجي صوبي جي خبر ناهي ۽ پنجاب تي تنقيد:عظميٰ بخاري
پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته پنجاب حڪومت اڪثر ڪي پي جي پاليسين ۽ منصوبن جي ڪاپي ڪري ٿي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن واقعي مريم نواز قرض نه ٿي وٺڻ چاهي ته اها سٺي ڳالهه آهي، پر سوال اهو آهي ته پنجاب جي ٻوڏ متاثرن کي ڪڏهن کان رقم ملڻ شروع ٿيندي؟ جڏهن ته پنجاب حڪومت کي اڃا تائين نقصانن جي صحيح خبر به ناهي، مزمل اسلم چيو ته ڪي پي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي ٽن هفتن ۾ معاوضا ڏنا، پنجاب کي به اها پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته مريم نواز جي بيان موجب مري کان اڳتي ڪي پي پاڪستان جو حصو نٿو لڳي، پر حقيقت اها آهي ته مري ۾ انگريز دور کان پوءِ ڪا به تعمير نه ٿي، جڏهن ته نٿيا گلي ۾ 12 ارب رپين سان هلٽن هوٽل ٺهي چڪو آهي، پنجاب حڪومت ڪي پي جي 64 ارب رپين جي پاڻي جي بِل جي قرضي آهي، ٻئي پاسي پنجاب حڪومت جي ترجمان عظميٰ بخاري، خيبر پختونخوا جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم جي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته جن کي پنهنجي صوبي جي ڪا خبر ناهي، اهي پنجاب تي تنقيد ڪرڻ اچي وڃن ٿا، انهن جي صوبي ۾ دهشتگردي، ڪرپشن، لاقانونيت ۽ بدانتظامي روزانو در کڙڪائي رهي آهي، هن چيو ته بونير، صوابي ۽ سوات ۾ ٻوڏ سبب هزارين ماڻهو متاثر ٿيا، ڇا ڪي پي حڪومت انهن سڀني کي امداد فراهم ڪئي؟ اوهان جو وزيراعليٰ هر مهيني وفاق کي فنڊز لاءِ خط لکي ٿو ۽ پاڻ شيخ چلي وانگر وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري ٿو، عظميٰ بخاري ٻڌايو ته ڪي پي ڪابينا جا ٻه وزير وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ڪرپشن بابت بيان ڏئي استعيفا ڏئي چڪا آهن.
حڪومتي اتحاد کي خطرو، ٻين قوتن جي مداخلت جو امڪان
لاهور (امداد سومرو) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز 2 ڏينهن کان لڳاتار پيپلزپارٽي جي قيادت تي سخت حملا ڪندي ڌمڪيون ڏنيون آهن. هن خبردار ڪيو آهي ته پنجاب تي تنقيد ڪرڻ قوميت تي حملي جي برابر آهي، ۽ مستقبل ۾ اهڙي ڳالهه کان اڳ سو ڀيرا سوچيو. مريم نواز مختلف تقريبن ۾ پنهنجي تقريرن دوران چيو ته جڏهن پنجاب ٻڏل هو، تڏهن ٻين صوبن مان همدردي بدران مذاق اڏايو ويو، جيڪا وفاق سان زيادتي آهي. ساڳي وقت هن پاڻي جي ذخيرن ۽ ڪينالن واري تڪرار تي ٻيهر ڳالهايو ۽ الزام لڳايو ته پنجاب خلاف ماڻهن کي ڀڙڪايو ويو. مريم نواز جو رويو عمران خان جهڙو لڳي ٿو، جيڪڏهن مريم نواز کي ڪئنالن واري معاملي تي اعتراض هو ته اڳ اسٽينڊ وٺي ها، موقف تي بيهي رهي ها. ٻئي پاسي، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جيڪو پرڏيهه ۾ آهي، پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته مريم نواز جي هر تنقيد جو سخت جواب ڏنو وڃي، ۽ هاڻي نرم رويي بدران جارحاڻو موقف اختيار ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ به ڪيو آهي، جڏهن ته مريم نواز صاف لفظن ۾ چيو آهي ته هوءَ معافي نه وٺندي. جيڪڏهن ڇڪتاڻ اهڙيءَ طرح وڌندي رهي ته اهو اتحاد ٽٽڻ، حڪومت جي تبديلي جو امڪان آهي پر چونڊون نه ٿينديون. صورتحال ۾ ٻيون طاقتون به مداخلت ڪري سگهن ٿيون ته جيئن ٽڪراءُ کي روڪيو وڃي. خدشو آهي ته جيڪڏهن هي سياسي ويڙهه جاري رهي، ته ان جا اثر ٺيڪ نه هوندا.
مريم نواز موقف تبديل نه ڪيو ته اتحادي حڪومت نه هلي سگهندي:مولا بخش
حيدرآباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته جيڪڏهن مريم نواز پنهنجو موقف تبديل نه ڪيو ته اسان مطالبو ڪنداسين ته هي اتحاد هاڻي نٿو هلي سگهي، مريم نواز پنهنجي پيءُ کي چپ ڪرائي پاڻ ڳالهائي رهي آهي، حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن اتحاد هلائڻو آهي ته اسان جي چيئرمين جي عزت ڪريو. مولا بخش چانڊيو چيو ته پي ٽي آءِ ن ليگ کي پنجاب ۾ ٽف ٽائيم ڏنو آهي، هو انڪري اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، سندس چوڻ هو ته وڏي ميان صاحب به علائقائي ڳالهه ڪئي، صوبي لاءِ ڪهڙيون اسيڪمون ڏنيون ؟ مريم نواز پنهنجي پيءُ کي خاموش ڪرائي پاڻ ڳالهائي رهي آهي، مريم نواز ساک بچائڻ لاءِ ”جاڳ پنجابي جاڳ“ جو نعرو هڻي رهي آهي.
مريم پاڻ خيراتي سيٽن تي سياست ڪري رهي آهي:سسئي پليجو
ٺٽو( پ ر) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي عوامي مينڊيٽ ناهي مليو، هوءَ رڳو خيراتي سيٽن تي سياست ڪري رهي آهي.سسئي پليجو جو چوڻ هو ته خميسو گولڙو کي به جيڪڏهن کاٻي ساڄي کان ايتري واھ واھ ملي ها ته هو به ميڊيا تي ڇانئجي وڃي ها. مريم نواز کي عوام هڪ به سيٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو ۽ مريم صاحبا، عوام توهان کي ست سيٽن تي به اهل نه سمجهيو. خيراتي مينڊيٽ تي جڏهن اوهان کي صوبي جي حڪومت ملي ته اوهان جي غيرت ڪٿي وئي؟ سسئي پليجو چيو ته مريم نواز وٽ سنڌ يا ننڍن صوبن خلاف ڳالهائڻ جو ڪو به اخلاقي جواز ناهي. اوهان جو ڊوميسائل طاقتور هوندو، پر اوهان عوامي مينڊيٽ ۾ رڳو فارم 47 جي پيداوار آهيو.”