اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) وفاقي وزير براءِ منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان معاهدي تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، ۽ جلد ئي ان تي صحيحون ڪيون وينديون. ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته معاهدي جي مسودي تي ٻنهي ڌرين طرفان غور جاري آهي، ۽ ڳالهين جي ٻئي مرحلي جو آغاز ٿي چڪو آهي. احسن اقبال ٻڌايو ته وزير امور ڪشمير جي نگراني هيٺ هڪ مستقل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا هر پندرهن ڏينهن بعد اجلاس ڪندي ۽ مطالبن تي عملدرآمد جو جائزو وٺندي. هن وڌيڪ چيو ته مهاجرن جي تڪبندين بابت هڪ آئيني ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ويندي، جيڪا هن مسئلي جا سمورا پهلو ڏسندي ۽ پوءِ فيصلو ڪندي، جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قابل قبول هوندو. احسن اقبال چيو ته، "هي هڪ آئيني مامرو آهي، ان لاءِ جلدي بازي نه ڪبي.ٻئي پاسي، وفاقي وزير طارق فضل چوڌري جو چوڻ هو ته حڪومت ڪشميري عوام جي حقن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. هن چيو ته "عوامي مفاد وارا اڪثر مطالبا اڳ ئي منظور ڪيا ويا آهن، باقي ڪجهه مطالبا، جن لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت آهي .