ڪراچي جا مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌي ويا، عوام ۾ مايوسي ۽ ڪاوڙ؟

 

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچيءَ جي حالتن بابت سوشل ميڊيا تي ٽاڪ شو ۾ ڳالهائيندي صحافي فهيم صديقي چيو آهي ته شهر 15 ورهين جي بدانتظامي سبب مڪمل طور تي کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو آهي. هن چيو ته سڄو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، جتي رڳو کڏن جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي روڊ نظر اچي ٿو. هن چيو ته پاڻي واٽر ٽينڪر مافيا وٽان ملي ٿو، بجلي ڪيترن ڪلاڪن بعد اچي وري گم ٿي وڃي ٿي، جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائيم ايترو وڌي ويو آهي جو نوجوان گهر کان ٻاهر نڪرندي پنهنجي واپسي کي قسمت سمجهي ٿو. هن ٽريفڪ پوليس تي به سخت تنقيد ڪندي چيو ته پوليس موٽرسائيڪل سوارن ۽ ننڍين گاڏين وارن کي تنگ ڪري ٿي، پر وڏين گاڏين ۽  پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ هٿ نٿو وڌو وڃي. فهيم صديقي موجب ميئر ڪراچي جي ڪارڪردگي به مايوس ڪندڙ آهي، ڇو ته سندن دور ۾ به شهر جا مسئلا گهٽجڻ بدران وڌيا آهن ۽ نوان ٽيڪس مڙهيا ويا آهن. شهر جا منصوبا، جهڙوڪ ريڊ لائين ۽ گرين لائين، اڃا تائين مڪمل ناهن ٿيا. هن خبردار ڪيو ته ڪراچي ۾ وڌندڙ بيچيني ۽ مايوسي ڪنهن وڏي سانحي جو انديشو بڻجي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.