ڪراچي (رپورٽر) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) موجب ڪسٽمز عملي ڪراچي ايئرپورٽ تي وڏي ڪارروائي ڪندي 10 ڪروڙ 30 لک رپين جو ليپ ٽاپس، آءِ پيڊز، آءِ فونز، ميڪ بڪس، پلي اسٽيشز ۽ ميموري ڪارڊ ضبط ڪيا ۽ ملوث ڪمپني جي ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو، ايف بي آر جي بيان موجب ڪسٽمز ڪلڪٽوريٽ ايئرپورٽ ڪراچي ٻه ايف آءِ آرز داخل ڪري ملازمن کي گرفتار ڪيو، غيرقانوني طور ڊيوٽي ۽ ٽيڪس ادا ڪرڻ کانسواءِ سامان ٻاهر ڪڍڻ ۾ هڪ پرڏيهي گرائونڊ هينڊلنگ ڪمپني جا ملازم ۽ بدعنوان درآمد ڪندڙ ملوث نڪتا، بيان ۾ ٻڌايو ويو ته جعلي طريقي سان 5 ڪهيپون ڪسٽمز سسٽم کان لڪايو ويو ۽ جعلي گيٽ پاس ذريعي ڪليئر ڪيو ويو، جنهن ۾ 38 ڪروڙ 40 لک رپين جو ٽيڪس ۽ ڊيوٽي بچايو ويو، هڪ ڪنسائنمينٽ مان 258 آءِ فون 16، 101 ليپ ٽاپ، 246 ٽيبليٽ، 102 آءِ پيڊ، 46 پلي اسٽيشز ۽ 20 هزار ميموري ڪارڊ هٿ ڪيا ويا.