گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس ظفر احمد رجپوات جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت  ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت جاچ آفيسر کان رپورٽن ۾ کوٽ ۽ غفلت بابت سخت سوال ڪيام سائيٽ واري علائقي مان گم ٿيل رسول خان بابت جاچ آفيسر ٻڌايو ته لاڳاپيل ادارن کي خط لکيا آهن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته  "ڪٿي آهن اهي خط؟ ريمائنڊر جو ذڪر نه ٿيڻ تي آفيسر جواب ڏنو ته لکڻ وسري ويو، ان تي عدالت  ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي آهي اوهان جي ڪارڪردگي؟.2016ع کان گم ٿيل طاهر علي بابت به عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت جاچ آفيسر کان مسنگ پرسنز ڪميشن جو حڪم نامو طلب ڪيو، جنهن تي  آفيسر ٻڌايو ته کڻي اچڻ وسري ويو، درخواست گذار نجمه طاهر عدالت کي ٻڌايو ته ڪميشن طرفان ڪو نوٽيس ناهي  مليو، عدالت حڪم ڏنو ته هاڻي وڃي فوري طور حڪم نامو کڻي اچو، عدالت ايس ايس پي ملير کي 31 آڪٽوبر تي رپورٽ سان گڏ طلب ڪري ورتو ۽ نون درخواستن تي به پوليس ۽ لاڳاپيل ڌرين کان رپورٽون گهريون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.