وزيرن جي غير ذميوار بيانن جي سلسلي کي روڪڻ لاءِ نواز شريف ۽ آصف زرداري اڳتي اچن

اسان پهريون به هن ايڊيٽوريل ۾ پنجاب حڪومت جي خاتون وزيراعليٰ مريم نواز ۽ سنڌ  حڪومت جي وزيرن جي بياني  تڪرار تي لکيو هو ته اصل ۾ ان غير ذميواري جو سبب سياسي تربيت نه هئڻ آهي. شاگرد تنظيمون جيڪي  اصولي ۽ نظرياتي سياست جون  نرسريون هونديون هيون سي بلڊوز ڪري ملڪ اندر غير سياسي ٽيڪنوڪريٽ ۽ ڪاروباري قسم جي سياست جو نظام متعارف ڪيو ويو. ان نتيجي ۾ اڄ ملڪ جي اقتداري  ۽ حڪومتي ايوانن ۾ غير سياسي ٽيڪنوڪريٽ، ڪاروباري، جاگيردار، سرمائيدار ۽ وڏيرن جي ڀرمار ويٺل نظر اچي رهي آهي جن کي ٻيو ته ڇڏيو پر سياسي زبان ۾  ڳالهائڻ، تقريرون ڪرڻ، انٽرويو ڏيڻ ۽ بيان ڏيڻ به نٿا اچن. هاڻي ته اهي حڪمران عام ماڻهن وانگر کلئي عام پاڻ ۾ جهيڙا ڪري رهيا آهن ۽ وٺ  سوال ڏي جواب جي هڻ هڻان لڳي پئي آهي جنهن تي ميڊيا ۽ عوام کلي  به رهيو آهي ته ماتم به ڪري رهيو آهي.

سو جيڪڏهن حڪمران ئي غير ذميوار بيان ڏين ۽ عام ماڻهن وانگر کلئي عام جهيڙا ڪن ته باقي ڇا بچيو؟ هڪ ٻه سال اڳ آصف علي زرداريءَ هڪ بيان ڏنو هو ته اسان ملڪ اندر اهڙو جمهوري ماحول ٺاهڻ چاهيون ٿا جيئن مستقبل ۾ اسان وانگر بلاول ڀٽو، مريم نواز ۽ آصفه پاڻ ۾ نه وڙهن. ٻيو  ته آصف زرداري ان حقيقت کي به چڱي ريت سمجهي ٿو ته جمهوري ۽ پارلياماني جماعتن  کي پاڻ ۾ متحد ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي.

سو هاڻي جڏهن سنڌ جي وزيرن پنجاب ۾ آيل ٻوڏ تي غير ذميوراڻا بيان ڏنا ۽ پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪئي ته مريم نواز به جهيڙي نما جوابي سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي. ڪالهه به هن چيو ته مون کي ڏک پهتو آهي ته جڏهن پنجاب ۾ تاريخ جي   سڀ کان وڏي ٻوڏ آئي ته سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ ان جي ترجمان  همدردي ڏيکارڻ ۽ مدد ڪرڻ ته ٺهيو الٽو دل کي رنجايو آهي سو جيڪي مون کي معافي وٺڻ جي گهر ڪري رهيا آهن تن کي سڀ کان  اڳ ۾ پاڻ معافي وٺڻ گهرجي.

اسان ان حقيقت کي تسليم ڪيون ٿا ته سنڌ حڪومت جي وزيرن ته غير ضروري ۽ غير ذميوار بيان ڏنا هيا جنهن نتيجي ۾ مريم نواز کي جذباتي ردعمل ڏيڻو پيو پر اسان جو اعتراض سندس لفظن جي غلط چونڊ ۽ خاص ڪري تڪراري ڪئنال کي وري اڀارڻ تي آهي. جڏهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اهو طئي  ٿي چڪو هو ته ڪنهن هڪ صوبي جي رضامندي بنا سنڌو درياهه تي ڪو ڪئنال نه ٺهندو ته پوءِ مريم نواز ان ڪئنال جو ذڪر ڪري غير ذميواري جو مظاهرو ڇو ڪيو. مريم نواز ملڪ جي هڪ وڏي صوبي جي وزيراعليٰ آهي ان ناتي کيس ذميواراڻي انداز سان خيالن جو اظهار ڪرڻ گهرجي. کيس اها ذميواري محسوس ڪرڻ گهرجي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ چولستان ڪئنال جي منصوبي کي رد ڪرڻ ۾ سندس پارٽي جي وفاقي حڪومت ۽ سندن وزيراعظم شهباز شريف جو به هٿ هو جن اڪثريتي فيصلي کي مان ڏئي ڪري اهو تسليم ڪيو ته اهو تڪراري منصوبو آهي. ملڪ جي صدر آصف علي زرداريءَ  به پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ واضح طور چيو ته هو جستائين سڀ صوبا پاڻي جي منصوبن تي راضي نه ٿيندا تيستائين سنڌوءَ تي ڪوبه ڪئنال ۽ ڊيم نه ٺهندو ته پوءِ  هڪ صوبي جي وزيراعليٰ ان تڪراري ڪئنال جو ذڪر ڪري سنڌ جي عوام کي ڇو ڏکويو. هاڻي جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير به ساڳي ٻولي استعمال ڪري ته مان سنڌي عوام جي دل آزاري ڪندڙ جون ۽ سنڌ ڏانهن آڱريون کڻندڙن  جون آڱريون ڀڃي ڇڏيندس ته ڇا اهو ردعمل مناسب رهندو نه بلڪل به نه.

سو سياسي موقف کي سياسي انداز ۽ اخلاق جي ٻولي سان رکڻ  گهرجي جيئن عام  ماڻهن جي به تربيت ٿي سگهي ته مخالفن سان ۽ تڪرارن ۾ ڪيئن ذميواراڻي ٻولي استعمال ٿيندي آهي. ٻيو ته جيڪڏهن ڪنهن ننڍي صوبي جو وڏو وزير ايئن چوي ها ته منهنجو صوبو منهنجي مرضي، ڇا جو وفاق يا قومي مفاد ته ان تي اوهان جو ڇا ردعمل هجي ها. تنهن ڪري مريم نواز صاحبه کي به ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچڻ گهرجي ته  ان جو ڪهڙو اثر پوندو. اوهان جو اهو چوڻ بجا  هو ته پنجاب ۾  جڏهن ٻوڏ آئي ته اتحادي حڪومت جي وزيرن کي ان تي سياست نه ڪرڻ گهرجي ها، اسان جي خيال ۾ اهو ايترو چوڻ ئي ڪافي هو پر هن منهنجو صوبو منهنجو پاڻي چئي پاڻ کي تڪراري بڻائي ڇڏيو جنهن تي سڀني سياسي جماعتن کي اعتراض ٿيو آهي.

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته  مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي قيادت نواز شريف ۽ آصف زرداري اڳتي اچن ۽ پنهنجن وزيرن کي سمجهائن ته سندن غير ذميوار بيانن سان غير جمهوري طاقتن کي فائدو پهچي رهيو آهي ۽ اهڙن غير ذميوار بيانن سان جمهوريت کي ئي نقصان پهچي رهيو آهي تنهن ڪري ذميواري جو احساس ڪرڻ گهرجي ۽ غير ضروري بيانن جي سلسلي کي فوري طور بند ڪيو وڃي. هونئن به ڏسجي ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) هن ملڪ جون تجربي ڪار حڪمران جماعتون آهن پر افسوس ته سندن  تجربي مان نه ملڪ  کي، نه جمهوريت کي نه عوام کي فائدو  رسي رهيو آهي اڃان به خراب کان خراب ئي مثال قائم ٿي رهيا آهن. عام تاثر اهو هوندو آهي ته ملڪ اندر جمهوريت جو ڪوبه فائدو ناهي ڇاڪاڻ ته جمهوريت جو عوام کي سڌو سنئون ۽ واضح طور تي ڪو ڦل ناهي مليو. هاڻي به بجاءِ ان جي ته اتحادي حڪومت جا اڳواڻ خير  سگالي واري جذبي سان هلن سي هڪٻئي جي خلاف ئي ڳالهائي رهيا آهن پر حيرت آهي ته هن سڄي معاملي ۾ هن وقت تائين آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ڪا اڳڀرائي نظر نه ٿي اچي ڄڻ انهن جو ڪو مسئلو ئي نه هجي. اڃان به ذريعن جون رپورٽون آهن ته مريم نواز کي ان سخت لهجي ۾ ڳالهائڻ جو گرين سگنل سندس والد نواز شريف طرفان ڏنو آهي. جيڪڏهن ايئن آهي ته اهو افسوس جوڳو رويو آهي.  بهرحال اسان کين جمهوريت جي مفاد ۾ گذارش ڪريون ٿا  ته اهي ان غير ذميوار بيان بازي کي فوري طور تي روڪڻ لاءِ اڳتي اچن ۽ ذميوار سياست کي هٿي ڏين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.