حماس، آچر تائين” غزا امن ٺاهه“ تسليم ڪري يا سنگين نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهي، ٽرمپ جو الٽيميٽم

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ٽرمپ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس کي غزا جنگبندي معاهدو قبول ڪرڻ لاءِ ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته حماس وٽ معاهدي تي صحيح ڪرڻ لاءِ آچر جي شام 6 وڳي تائين جو وقت آهي.
ٽرمپ چيو ته حماس وٽ معاهدي جو هي آخري موقعو آهي، معاهدي تي ٻين ملڪن صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
آمريڪي صدر حماس کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حماس معاهدو نه ڪري سگهي ته ان کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جڏهن ته معاهدو ڪرڻ سان حماس جي ويڙهاڪن جي به جان بچي سگهي ٿي.
ٽرمپ فلسطيني عوام کي به چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته بيگناهه فلسطيني غزا شهر خالي ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي وڃن.
ياد رهي ته هلندڙ هفتي آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي 20 نقاطي غزا امن ٺاهه جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته معاهدي تي هڙني مسلم ۽ عرب ملڪن اتفاق ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.