لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل 4 رانديگرن کي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ لاءِ رليز ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ ڪئمپ ۾ شامل محمد رضوان، حسن علي، سلمان علي آغا ۽ ساجد خان کي رليز ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين جي هدايت تي چئني رانديگرن کي ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز کان اڳ فرسٽ ڪلاس ميچون کيڏڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي.
پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل چارئي رانديگر ڏکڻ آفريڪا سان سيريز کان اڳ قائداعظم ٽرافي جون ميچون کيڏندا ۽ پهرين ٽيسٽ کان اڳ ٽيم کي جوائن ڪندا.
ذريعن موجب، محمد رضوان ۽ ساجد خان قائداعظم ٽرافي ۾ پشاور، حسن علي سيالڪوٽ ۽ سلمان علي آغا لاهور وائٽس جي نمائندگي ڪندو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ پهرين ٽيسٽ ميچ 12 آڪٽوبر کان لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
You might also like