افغانستان کي ايشيا جي ٻي بهترين ٽيم قرار ڏيڻ تي راشد خان کان تپي ويو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) افغان ڪپتان راشد خان ايشيا جي ٻي بهترين ٽيم واري لقب تي ٺٺول ڪرڻ ڪاوڙجي پيو.
واضح رهي ته افغان ٽيم ايشيا ڪپ ۾ گروپ مرحلي مان ئي ٻاهر ٿي وئي هئي، جيتوڻيڪ کيس چيمپيئن ڀارت کانپوءِ فيورٽ قرار ڏنو پئي ويو، ڇو ته افغان ڪرڪيٽرن گذريل ڪجهه عالمي ايونٽس ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري هئي، جڏهن ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جهڙين ٽيمن مٿان غير يقيني وارا ڪڪر ڇانيل هئا.
راشد جي ٽيم کي بنگلاديش خلاف سخت مقابلي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ سريلنڪا خلاف وڏي مارجن تان هارائڻ بعد سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي.
افغان ڪپتان چيو ته هڪ ڳالهه ميڊيا ۾ بار بار هلي رهي آهي ته ماڻهو چون ٿا اسان ايشيا جي ٻي بهترين ٽيم آهيون، گذريل ڪجهه عرصي دوران اسان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، پر اسان ڪڏهن به اهو ناهي چيو.
راشد خان موجب، ايشيا ڪپ، ورلڊ ڪپ جو سيمي فائنل ۽ ون ڊي ورلڊ ڪپ سميت هر ايونٽ ۾ اسان وڏين ٽيمن کي هارايو آهي، چيمپيئنز ٽرافي ۾ به انگلينڊ کي مات ڏني، تنهنڪري اسان کي اهو ”ٽيگ“ مليو، پر مستقبل ۾ جيڪڏهن سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکارياسين ته يقينن ٽين، چوٿين يا پنجين نمبر تي هونداسين، پر ايشيائي ٽيمن ۾ ٻي بهترين ٽيم وارو لقب اسان پاڻ کي ڪڏهن به نه ڏنو آهي.
هن چيو ته ڪڏهن توهان سٺو کيڏندا آهيو، ڪڏهن خراب، اهو راند جو حصو آهي، سوچ هميشه هاڪاري هئڻ گهرجي ۽ اهو جذبو هجي ته وڌيڪ بهتر کيڏجي.
هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهو ان ڳالهه تي ٺٺولون ڪن ٿا.
راشد خان چيو ته ايشيا ڪپ کان اڳ اسان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي ميچون نه کيڏيون هيون، جنهن سبب ٽيم ان فارميٽ ۾ ايڊجسٽ نه ٿي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته بالنگ اٽيڪ ڪنڊيشنز موجب پرفارم نه ڪري سگهيو ۽ بيٽنگ به مقابلي جي معيار تي پوري نه لٿي، هاڻ اسان جو مڪمل طور تي ايندڙ سال جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين تي ڌيان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.