ربُ رسي مَت کسي! ڀارتي ايئر چيف پاران مئي جنگ دوران پاڪستان جا 5 جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) جنگي جنون ۾ وڪوڙيل ڀارتي عسڪري قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان خلاف گدڙ ڀڀڪيون ڏيڻ لڳي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارتي آرمي چيف جنرل اوپيندر دويدي زهر اوڳاڇيندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان دنيا جي نقشي تي موجود رهڻ چاهي ٿو ته دهشتگردي جي حمايت ڇڏي ڏئي.
ڀارتي آرمي چيف راجسٿان ۾ فوجين سان خطاب دوران چيو ته آپريشن سندور ۾ فوج جيڪو صبر ڏيکاريو، اهو هاڻ ٻيهر نه ورجايو ويندو.
جنرل اوپيندر دويدي ڀارتي فوجين کي ڪنهن به ايڪشن لاءِ تيار رهڻ جي هدايت به ڪئي.
ٻئي پاسي ڀارتي ايئر فورس جي سربراهه اَمر پريت سنگهھ پريس ڪانفرنس ۾ بنا ڪنهن ثبوت جي اِها دعويٰ ڪيو ته مئي ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت تڪرار ۾ ڀارت پاڪستان جا 5 جنگي جهاز تباهه ڪيا.
هن چيو ته ڀارت جيڪي جهاز تباهه ڪيا، انهن ۾ ايف-16 ۽ جي ايف-17 ٿنڊر شامل آهن.
صحافين جڏهن امر پريت سنگهه کان پاڪستان طرفان ڀارتي جهاز ڪيرائن بابت پڇاڻو ڪيو ته ڀارتي ايئرچيف ڪو جواب نه ڏئي سگهيو.
واضح رهي ته پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجا آصف ماضي ۾ ڀارتي دعويٰ تي ردعمل ڏيندي ٻنهي ملڪن جي جهازن جي موجوده ذخيرن جي آزاداڻي تصديق ڪرائڻ جو چيلنج ڏنو هو.
ياد رهي ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارتي جهازن پاڪستان جي ڪيترن ئي هنڌن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي شهري شهيد ٿيا۔ پاڪ هوائي فوج ترت جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارت جا 7 جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ ڀارت جا جديد رافيل جهاز پڻ شامل هئا.
ان کانپوءِ ڀارت بزدلي ڏيکاريندي پاڪستان جي شهرن تي ڊرون ۽ ميزائل حملا شروع ڪيا، جن جي جواب ۾ پاڪستان آپريشن ”بنيان مرصوص“ ڀارتي هوائي اڏن ۽ ٻين فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.