ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار جي 13 سالن جي ڌيءَ آن لائين هراساني جو شڪار ٿي وئي، اداڪار حڪومت کان وڏي اپيل ڪري ڇڏي.
اڪشي ڪمار ڀارت ۾ وڌندڙ سائبر ڪرائم جي خطري بابت روشني وجهندي پنهنجي ڌيءَ سان پيش آيل هڪ افسوسناڪ واقعي جو انڪشاف ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، جمعي ڏينهن ممبئي ۾ ڪوٺايل هڪ سائبر آگاهي پروگرام جي افتتاحي تقريب دوران اڪشي ڪمار ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ سندس ڌيءَ هڪ آن لائين وڊيو گيم کيڏي رهي هئي، جتي هڪ اڻڄاتل شخص کائنس بولڊ تصوير جو مطالبو ڪيو.
اڪشي ڪمار چيو ته” مان توهان سڀني کي هڪ ننڍڙو واقعو ٻڌائڻ ٿو چاهيان، جيڪو ڪجهه مهينا اڳ منهنجي گهر ۾ پيش آيو، منهنجي ڌيءَ هڪ وڊيو گيم کيڏي رهي هئي، ۽ ڪجهه وڊيو گيم اهڙيون هونديون جيڪي توهان ڪنهن ٻئي يعني ڪنهن اوپري ماڻهوءَ سان کيڏي سگهو ٿا.“
سندس چوڻ هو ته گيم دوران ڪڏهن ڪڏهن اتان پيغام به ايندا آهن، منهنجي ڌيءَ کي به هڪ همراهه طرفان پيغام مليو ته ”ڇا تون ڇوڪرو آهيو يا ڇوڪري؟“ جنهن هن جواب ڏنو ” ڇوڪري“ ان کان پوءِ ان همراهه پيغام موڪليس ت ” ڇا توهان پنهنجي اگهاڙيون تصويرون موڪلي سگهو ٿا؟“ منهنجي ڌيءَ ترت گيم بند ڪري ڇڏيي ۽ سموري ڳالهه پنهنجي ماءُ کي ٻڌائي، ائين ماڻهو آن لائين هراساني جو شڪار ٿين ٿا.
اڪشي ڪمار چيو ته اِهو به سائبر ڪرائم جو حصو آهي، مان مهاراشٽرا جي وڏي وزير کي درخواست ڪندس ته ستين کان ڏهين ڪلاس تائين اسڪولن ۾ هر هفتي هڪ ”سائبر پيريڊ“ رکيو وڃي ته جيئن ٻارن کي ان بابت آگاهي ڏئي سگهجي، توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته هي ڏوهه هاڻي گهٽي جي ڏوهن کان به وڏو بڻجي رهيو آهي.
اڪشي ڪمار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت کي گهرجي ته سائبر ايجوڪيشن کي لازمي نصاب جو حصو بڻائي ته جيئن ٻار بدلجندڙ ڊجيٽل دنيا ۾ محفوظ رهي سگهن.
اڪشي ڪمار جي 13 ورهين جي نياڻي آن لائين هرساني جو شڪار، اداڪار حڪومت کي وڏي اپيل ڪري ڇڏي
You might also like