اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انجنيئر محمد علي مرزا کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ٺهراءَ ۾ گستاخ سڏڻ خلاف درخواست تي اٽارني جنرل کان 5 نومبر تي عدالتي مدد گهري ورتي، جڏهن ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل، ايف آءِ اي ۽ اين سي سي آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني، ڊاڪٽر اسلم خاڪي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ مستند عالم هئا، جن چيو ته هو گستاخ آهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو توهان جوابدار جو دفاع ڪيئن ڪري رهيا آهيو؟ جوابدار پاڻ ٺهراءَ کي ڇو چئلينج نٿو ڪري؟ درخواستگذار چيو ته اهڙي قسم فتوائون اڳ به مون تي لڳيون آهن، مان به اهڙي صورتحال مان گذري چڪو آهيان.
هن موقف اختيار ڪيو ته انجنيئر محمد علي مرزا سڀني جي پول پڌرا ڪيا آهن، تنهنڪري هن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، اهڙي طرح ته هو کيس ماري ڇڏيندا، گهٽ ۾ گهٽ پهرين عدالت ۾ ته پيش ڪيو وڃي، بنا وضاحت جي ڪنهن کي ڪيئن قصوروار قرار ڏئي سگهجي ٿو؟
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو، پر مٿس ڪيس ته جهلم ۾ داخل آهي.
درخواستگذار چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل هتي آهي، مون ان جو ٺهراءَ کي چئلينج ڪيو آهي.
عدالت سوال ڪيو ته معاملو اسلامي نظرياتي ڪائونسل وٽ ڪيئن پهتو؟ ڪنهن ريفر ڪيو هو؟
درخواستگذار ٻڌايو ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي مدد لاءِ ڪائونسل ڏانهن خط موڪليو، جڏهن ته قانون موجب صدر، گورنر يا پارليامينٽ ئي ڪائونسل کان راءِ وٺڻ لاءِ لکڻ جا اهل آهن.
عدالت چيو ته رڪارڊ اچي ويندو ته خبر پئجي ويندي ته الزام ڇا آهي ۽ بيان ڇا هو،اٽارني جنرل کي ٻڌڻ کانپوءِ پهرين درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هئڻ جو فيصلو ڪنداسين.
ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
انجينيئر علي مرزا کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ٺهراءَ ۾ ” گستاخ“ ڪوٺڻ خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس
You might also like