لنڊن (ويب ڊيسڪ) چرچ آف انگلينڊ پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت کي آرچ بشپ طور چونڊي ورتو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، ڊيم سارا مولالي چرچ آف انگلينڊ جي پهرين عورت آرچ بشپ بڻجي ويئي آهي.
چرچ آف انگلينڊ جي 1400 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عورت کي ان عهدي لاءِ چونڊيو ويو آهي.
هوءَ آرچ بشپ آف ڪينٽربري بڻجندڙ 106 هين مذهبي اڳواڻ آهي.
ان کان اڳ ڪا به عورت ان عهدي لاءِ اهل نه هئي، پر 2014ع ۾ چرچ آف انگلينڊ عورتن کي بشپ بڻجڻ جي اجازت ڏني هئي.
63 ورهين جي سارا مولالي 7 سال تائين لنڊن جي بشپ رهي آهي.
چرچ آف انگلينڊ جو آرچ بشپ وارو عهدو لڳ ڀڳ هڪ سال کان خالي هو.
اڳوڻي آرچ بشپ جسٽن وِلبِي جنسي اسڪينڊل سبب عهدو ڇڏي ڏنو هو.
واضح رهي ته سارا مولالي اڳ هڪ نرس هئي ۽ 2000ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ انگلينڊ جي چيف نرسنگ آفيسر طور ڪم ڪندي هئي.
2002ع ۾ هوءَ پادري بڻجي ويئي هئي ۽ برطانوي ايوان بالا جو حصو به رهي چڪي آهي.
You might also like