پرڏيهي کاتي شمع جوڻيجو جو نالو گڏيل قومن واري وفد ۾ نه موڪليو هو: اسحاق ڊار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار شمع جوڻيجو جي ذڪر تي ايوان ۾ وضاحت ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران اسحاق ڊار شمع جوڻيجو جي ذڪر تي پهرين طنزيه جواب ڏنو ۽ چيو ته ”بجلي جا ٿنڀا به لڳا آهن، پر توهان کي شمع نظر اچي ٿي.“
ان کانپوءِ هن ٻڌايو ته گڏيل قومن ۾ جيڪو وفد ويندو آهي، اهو پرڏيهي کاتي جي صحيح سان ويندو آهي ۽ اسان شمع جوڻيجو جو نالو ان وفد ۾ نه موڪليو هو.
نائب وزيراعظم موجب، ٻيو وفد وزيراعظم جو هوندو آهي ۽ اها محترمه( شمع جوڻيجو) ان جو حصو هئي، وزيراعظم سان سندس تمام گهڻو اسٽاف هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.