ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ميچ دوران ڪامنٽيٽر ثناءَ مير طرفان آزاد ڪشمير سان واسطو رکندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽر جو تعارف ڪرائڻ ڀارت کي پسند نه آيو.
وومينز ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ميچ دوران ڪامنٽيٽر ثنا مير چيو هو ته”پاڪستاني ٽيم ۾ شامل تناليا پرويز جو تعلق آزاد ڪشمير سان آهي.“
ڪامينٽري دوران ثنا مير جو آزاد ڪشمير جو ذڪر ڀارتين کي چيڙائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڀارت ۾ ثناءَ مير خلاف واويلا ۽ نفرت جوڳي مهم شروع ڪئي وئي.
پر هاڻ اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ ڪامنٽيٽر ثنا مير پنهنجي خلاف زهر اوڳاڇيندڙن کي آئينو ڏيکارڻ جي ڪوشش آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي ڪپتان چيو ته ” افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته ان معاملي تي عوامي سطح تي وضاحت ڏيڻي پئجي رهي آهي، پر ڪامنٽيٽر طور اهو اسان جي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو حصو آهي ته پليئرز ڪٿان آيا آهن ۽ ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ رانديگرن جو به ذڪر ڪيو، اهو افسوسناڪ آهي ته معاملن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي.“
هن چيو ته ”ان معاملي کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي، ڇو ته راندين سان واڳيل ماڻهن کي غير ضروري دٻاءَ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”پاڪستاني پليئر جي اباڻي علائقي بابت ڳالهه ڪرڻ جو مقصد سندس تڪليفن سان ڀرپور ۽ اتساهيندڙ سفر تي روشني وجهڻ هو، منهنجي دل ۾ ڪو ساڙ يا ڪنهن جي جذبن کي ڇيهو رسائڻ کي ڇيهو رسائڻ مقصد نه هو.
ثنا مير طرفان ” نتاليا پرويز “ جو تعلق آزاد ڪشمير سان ڄاڻائڻ تي ڀارتين کي مرچ لڳي ويا، نفرت جوڳي مهم شروع
You might also like