غزا امن معاهدي لاءِ ٽرمپ جيڪي 20 نقطا ڏنا اهي اسان جا نه آهن: نائب وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته غزا امن معاهدي لاءِ ٽرمپ جيڪي 20 نقطا ڏنا اهي اسان جا نه آهن.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته غزا ۾ ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن، گڏيل قومن، يورپي يونين ۽ ٻيا عالمي ادارا غزا ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته صدر ٽرمپ سان غزا ۾ جنگبندي جي هڪ نقاطي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ميٽنگ کانپوءِ 8 مسلم ملڪن گڏجي 20 نقطا پيش ڪيا ۽ بيان جاري ڪيو، پر پوءِ صدر ٽرمپ جيڪي 20 پوائنٽس جاري ڪيا، اهي اسان جي ڏنل پوائنٽس نه هئا ۽ انهن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي.
پرڏيهي وزير چيو ته هي اُهو ڊرافٽ نه هو جيڪو اسان تيار ڪيو هو ۽ پرڏيهي کاتي جي بريفنگ ۾ ان جي وضاحت ڏئي چڪا آهيون، اسان 8 مسلم ملڪن طرفان تيار ڪيل ڊرافٽ تي ڌيان ڏينداسين.
اسحاق ڊار چيو ته غزا ۾ مڪمل جنگبندي ضروري آهي ۽ غزا جي نئين سر تعمير ڪئي وڃي، اهو اسان جو ذاتي مسئلو ناهي، اِها اسلامي ملڪن جي ذميواري آهي. فلسطين جي مسئلي تي سياست جي گنجائش ناهي ۽ فلسطين بابت اسان جي پاليسي هميشه قائداعظم جي پاليسي جهڙي آهي.
نائب وزيراعظم چيو ته صمود فوٽيلا ۾ اسان جو هڪ سينٽر موجود هو، اسان جو اسرائيل سان ڪو رابطو نه آهي.
هن چيو ته اسرائيل 22 ٻيڙيون قبضي ۾ وٺي ماڻهن کي قيد ۾ رکيو، اطلاع آهي ته سينٽر مشتاق احمد به انهن ۾ شامل آهي.
هن چيو ته جڏهن به ضرورت پئي چين اسان سان گڏ بيٺو رهيو، چين سان لاڳاپا هئا، آهن ۽ رهندا. جڏهن ته سعودي عرب سان تازو ٿيل دفاعي معاهدو انتهائي اهم آهي ۽ ڏهاڪن کان اسان جو سعودي سان تعلق لڪيل نه رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.