تل ابيب(ويب ڊيسڪ) فلسطين تي قابض اسرائيلي فورسز غزا لاءِ امداد کڻي ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا ۾ شامل آخري ٻيڙي کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
عرب ميڊيا موجب، گلوبل صمود فلوٽيلا جي آخري ٻيڙي به اسرائيل جي قبضي ۾ آهي.
ان کان اڳ عرب ميڊيا پنهنجي رپورٽن ۾ ڄاڻايو هو ته رڳو هڪ ٻيڙي غزا ڏانهن وڏي رهي آهي، پولينڊ جي جهنڊي واري ٻيڙي تي 6 ڄڻا سوار آهن ۽ اها ٻيڙي غزا جي سامونڊي حدن کان اٽڪل 43 ناٽيڪل ميل پري آهي.
عرب ميڊيا رپورٽ موجب، اربع کان هينئر تائين اسرائيلي فوج 43 ٻيڙين تي قبضو ڪري چڪي آهي، ٻيڙين تي سوار اٽڪل 500 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان 200 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
اسرائيل جي حراست ۾ ورتل ماڻهن ۾ پاڪستان جو اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان به شامل آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب، صمود فلوٽيلا جي 200 ماڻهن کي صحراءِ نقب جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ڊي پورٽ ٿيڻ تائين فلوٽيلا جا امدادي ڪارڪن جيل ۾ قيد رهندا.
ٻئي پاسي پاڪستان جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان جي جيل منتقلي جي تصديق ناهي ٿي سگهي.
اسرائيلي فورسز جو گلوبل صمود فلوٽيلا جي آخري ٻيڙي تي به قبضو، حراست ۾ ورتل ڪارڪن جيل منتقل
You might also like