گلوبل صمود فلوٽيلا تي ڪاهه، ڪولمبيا پاران اسرائيلي سفيرن کي ملڪ نيڪالي

بگوٽا(ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي حملي کانپوءِ پنهنجن ملڪ ۾ موجود اسرائيلي سفيرن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ٿيڻ کانپوءِ، هاڻي ڪولمبيا جي صدر گذريل ڏينهن غزا ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي حملي کانپوءِ اسرائيل جي باقي بچيل سفيرن کي به ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب، هڪ بيان ۾ ڪولمبيا جي صدر گوستاوو پيترو چيو ته ”اسرائيل جا هڙئي سفير ڪولمبيا مان نڪري ويا آهن، اسرائيل سان آزاداڻو واپاري معاهدو به ترت طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“
ياد رهي ته سال 2024ع ۾ ڪولمبيا اسرائيلي فوج طرفان غزا ۾ جاري قتلام تي احتجاج ڪندي اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا، پر 4 اسرائيلي سفارتي اهلڪار اڃا تائين ڪولمبيا ۾ موجود هئا، جن کي هاڻي ملڪ بدر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.