سي پي اين اي،پي ايف يو جي ۽ ايمنڊ پاران اسلام آباد واقعو دهشت گردي قرار

اسلام آباد(بيورو)صحافتي تنظيمن سي پي اين اي،پي ايف يو جي،  ۽ ايمنڊ، اسلام آباد پريس ڪلب تي پوليس جي چڙهائي ۽ صحافين تي تشدد جي سخت مذمت ڪندي ان کي دهشتگردي قرار آهي ۽ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي۔صحافتي تنظيمن چيو آهي ته هي حملو صحافين خلاف لڳاتار جاري ڪيل ڪاررواين جو تسلسل آهي۔ بيان ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سرڪاري ۽ علائقائي ميڊيا ۾ اشتهارن جي ذريعي، عنوانن جهڙوڪ "هاڻي جنگ جو دور آهي” وغيره، ميڊيا سان لاڳاپيل رپورٽر، فري لانسر ۽ سول سوسائٽي تنظيمن کي ڌمڪين ڀرپور ٻولي سان رياست مخالف فهرست ۾ رکيو پيو وڃي۔ ان جو مقصد صحافين جي ڪردار ڪشي، انهن کي دٻائڻ ۽ اظهارِ راءِ تي قدغن لڳائڻ آهي ، تنظيمون مطالبو ڪيون ٿيون  ته اهڙا اشتهار فوراً بند ڪيا وڃن۔بيان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ميڊيا ادارن ميڊيا قومي ۽ ملڪتي مفادن کي نظر ۾ رکندي جنگ جي حالت ۾ پڻ ذميواريءَ سان ڪم ڪيو آهي، انهن سان جڙيل رپورٽرن ۽ فري لانسرن کي دهشتگردن سان تشبيهه ڏيڻ آزاد صحافت جي بنيادي اصولن جي صريح خلاف ورزي آهي۔تنظيمون زور ڏنو ته آئينِ پاڪستان هر شهرين کي معلومات تائين بي رڪاوٽ رسائي جو حق ڏئي ٿو، ۽ ذميوار ميڊيا هميشه وطن جي سلامتي کي مقدم رکندي معلومات پهچائيندي آئي آهي۔ گڏيل پريس رليز موجب پيڪا ايڪٽ جهڙي قانون جو من پسند ۽ حد کان وڌيڪ استعمال به صحافتي خدشن کي درست ثابت ڪري ٿو هنن اعلان ڪيو ته اهي اهڙن قدمن خلاف هر سطح تي مزاحمت ڪنديون ۽ آئيني ۽ قانوني جدوجهد جا سڀ آپشن استعمال ڪنديون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.