ڪراچي/لاهور(رپورٽر/بيورو) پ پ ۽ ن ليگ ۾ گولا باري بند نه ٿي، پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو آهي ته اچو ته سنڌ ۽ پنجاب جي ڪارڪردگي جو ويهي مقابلو ڪريون، مان مريم نواز کي چئلينج ڪريان ٿي، ته اچو مقابلو ڪريون ته سنڌ ۾ صحت جو نظام ڪهڙو آهي ۽ پنجاب ۾ ڪهڙو آهي. ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرميلا فاروقي چيو ته سنڌ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڇا ڪري رهي آهي، پنجاب ڇا ڪري رهيو آهي، صرف افتتاح ڪرڻ سان يا سلائي مشينون ڏيڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. شرميلا فاروقي جو چوڻ هو ته جڏهن ڪنهن صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو چوندو ته "منهنجا پيسا، منهنجو پاڻي، آڱر ٽوڙي ڇڏينداسين”، ته اها ڳالهه بدقسمتي واري آهي. بلاول ڀٽو ڏکڻ پنجاب جي دوري دوران چيو ته مريم بيبي سٺو ڪم ڪري رهي آهي، هن ماڻهن جي حالت ڏسي چيو ته بي آءِ ايس پي (بينظير انڪم سپورٽ پروگرام) مان ماڻهن کي رقم ڏني وڃي.هوڏانهن پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي جي بيان تي کيس مناظري جو چيلينج ڏئي ڇڏيو. هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته پ پ جي سنڌ ۾ 17 سالن کان حڪومت آهي ۽ مريم نواز جي پنجاب ۾ حڪومت کي ٻه سال به ناهن ٿيا، توهان 17 سالن ۾ پنهنجا 17 عوامي ڀلائي جا منصوبا نٿا ڳڻائي سگهو، جڏهن ته مريم نواز ڏيڍ سال ۾ 90 منصوبا شروع ڪري ڇڏيا، جن مان 50 مڪمل ٿي چڪا آهن، ڪراچي جا ماڻهو پاڻ لاهور جي روڊن ۽ صفائي جي تعريف ڪندا آهن. هن چيو ته مريم نواز پنجاب جي ٻوڏ متاثرن کي 10-10 لکن جا امدادي چيڪ ڏئي رهي آهي، مان شرميلا فاروقي سان مناظري لاءِ تيار آهيان، اچو ڪارڪردگي ۾ مقابلو ٿا ڪيون.