حيدرآباد (رپورٽر) ايوانِ زراعت سنڌ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي چولستان ڪينال ٺاهڻ بابت بيان کي سختي سان رد ڪندي، چولستان ڪينال منصوبي کي ڪالاباغ ڊيم جيان مرده گهوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔ ان سلسلي ۾ تنظيم جي مرڪزي هيڊڪوارٽر حيدرآباد مان جاري ڪيل پنھنجي پريس بيان ۾ ايوان زراعت سنڌ جي پيٽرن ان چيـف ۽ مرڪزي صدر پروفيسر ڊاڪٽر نديم قمر سخت ردِعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مريم نواز مرده گهوڙي ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان انھن جي اھڙي مقصد کي چڱيءَ طرح سمجهون ٿا. هن چيو ته سنڌ جو عوام ۽ آبادگار سنڌو درياهه تي ڪوبه ڪئنال يا ڊيم ٺاهڻ جي اجازت نه ڏيندا، هن ٻڌايو ته ارسا جي ايلوڪيشن موجب پنجاب کي اڳ ئي 55 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ کي 48 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي ملڻ گهرجي پر حقيقت ۾. سنڌ کي رڳو 41 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي، پنجاب سنڌ جو 7 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، جنهن جو حساب ڏيڻو پوندو۔ هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ جي ڪري خاص ڪري ڏکڻ پنجاب مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي، جتي ڪروڙين ماڻهو متاثر ۽ بي گهر ٿي ويا آهن. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهڪاريءَ ۾ پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي انتهائي ناڪاره نظر اچي رهي آهي. پنجاب حڪومت عوام جي توجهه ٻوڏ جي تباهڪاريءَ تان هٽائڻ لاءِ ڪئنالن جو شوشو ڇڏيو آهي۔ هن چيو ته پنجاب جا ٻوڏ متاثر عوام پنجاب حڪومت خلاف سخت ڪاوڙ ۽ نفرت جو اظهار ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ پنجاب حڪومت طرفان چولستان ڪئنال ٺاهڻ جو شوشو ڇڏڻ جو مقصد عوام جي توجهه اصل مسئلن تان هٽائي ٻي طرف ڪرڻ آهي. ھن چيو ته اسين پنجاب حڪومت کي صلاح ڏيون ٿا ته اھا ستلج، راوي ۽ چناب دريائن تي غيرقانوني قبضا ختم ڪرائي انهن کي بحال ڪري، پنجاب ٽنھي دريائن تان ناجائز هائوسنگ اسڪيمون پڻ ختم ڪرائي انهن ۾ برسات جو پاڻي ذخيرو ڪري. هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پنجاب جي عوام کي اهو به ٻڌائي ته چولستان ڪينال پنجاب جي عوام لاءِ نه پر ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ آهي. سنڌ جو عوام ۽ آبادگار اڳ ئي چولستان سميت هر قسم جي ڪئنال کي رد ڪري چڪا آهن. جنھن سال چناب، ستلج ۽ راوي دريائن ۾ پاڻي گهٽ ٿيندو ته تريمو ۽ پنجند بئراج تي آباد زمينن جو پاڻي به ڪارپوريٽ فارمنگ طرف موڙيو ويندو. هن چيو ته چولستان ڪينال سان رڳو سنڌ جي نه پر پنجاب جي آبادگارن جي پاڻي جو رخ به ڪارپوريٽ فارمنگ ڏانهن موڙيو ويندو. ڪارپوريٽ فارمنگ عام پنجابي عوام جي نه پر ڪنهن ٻئي جي ملڪيت هوندي. هن چيو ته پنجاب جا حڪمران پنهنجي نااهلي ۽ ناقص ڪارڪردگي لڪائڻ لاءِ "پنجاب ڪارڊ” کيڏي رهيا آهن، جنهن سان پاڪستان کي نقصان پهچي رهيو آهي، جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا۔ ھن چيو ته اسين پنجاب حڪومت کي خبردار ڪريون ٿا ته سنڌ جو عوام سنڌو درياهه تي چولستان سميت ڪنهن به ڪينال، ڊيم يا بئراج ٺاھڻ نه ڏيندا.