وفاق سان ڇڪتاڻ جو معاملو يا سنڌ ۾ تبديلي تي غور؟ دبئي ۾ وڏن اڳواڻن جا ديرا

ڪراچي (لياقت راڄپر) اهو بحث زور وٺي رهيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا وڏا اڳواڻ ۽ زرداري خاندان جا ويجها ساٿي هن وقت دبئي ۾ گڏ ٿيا آهن، جتي وڏي پيماني تي سياسي مشاورت ٿي رهي آهي. ذريعن موجب، صدر آصف علي زرداري پهريان دبئي پهتو، پوءِ سندس ويجها ساٿي ڊاڪٽر عاصم، ناصر حسين شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، حاجي علي حسن زرداري، غني مجيد، انور مجيد، علي مجيد ۽ ٻيا اڳواڻ به پهچي ويا. ان کان اڳ فريال ٽالپر به دبئي ۾ موجود آهي، جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به بعد ۾ اتي پهتو هو. وفاق ۾ صدر آصف علي زرداري خلاف جيڪو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري کي ٽف ٽائم ڏيڻ جي تياري ٿي رهي آهي، پ پ کي سنڌ ۾ چٿڻ جو منصوبو ٺاهيو پيو وڃي، يقينن ان تي به يقينن گڏجاڻي ٿي هوندي. ٻئي پاسي وڏو وزير مراد علي شاهه نوابشاهه ويو ۽ ناراض اڳواڻن کي پرچائي لنجار هائوس تعزيت لاءِ پهتو. نوابشاهه وارا دبئي پهتل آهن. خيال رهي ته شهباز شريف جي آمريڪا جي دوري بابت پيپلزپارٽي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو. هوڏانهن مريم نواز پ پ تي تنقيد ڪري رهي آهي ۽ اڻ سڌي ريت پنهنجي چاچي کي به نشانو بڻائي رهي آهي. مبصرن موجب، پ پ جي ايوان مان واڪ آئوٽ جو به ڪو مقصد هو ته اوهان مريم نواز ذريعي ڳالهيون نه چورايو، سڌي ڳالهه ڪريو ته اسان ڌار ٿي وڃون. صدر کي هٽائڻ جون ڳالهيون هن وقت تائين مڪمل طور ختم ناهن ٿيون. ٻئي پاسي سنڌ جي انتهائي اهم شخصيت کي هٽائڻ جا پڻ افواهه هلي رهيا آهن. چيو پيو وڃي ته دبئي گڏجاڻي ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اهم شخصيت جا مخالف سمجهيا وڃن ٿا پر آصف علي زرداري کي ويجها آهن. ان گڏجاڻي جا اثر هڪ هفتي کانپوءِ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا ته گڏجاڻي جو مقصد ڇا هو. ڇا ن ليگ کان ڌار ٿيڻو هو، وفاق کي ٽف ٽائم ڏيڻو هو، شريف ڪٽنب کي آئينو ڏيکارڻو هو يا وري سنڌ ۾ انتظامي معاملن تي ويچاريو ويو ۽ تبديلي تي ڳالهايو ويو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 03 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.