نئين مالي سال جي پهرين ٽماهي ۾ واپاري خساري ۾ واڌ، برآمد ۾ لاٿ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مالي سال جي پهرين ٽماهي ۾ واپاري خسارو 32.92 سيڪڙو وڌي ويو آهي. هلندڙ مالي سال  26-2025 جي پهرين ٽماهي (جولاءِ کان سيپٽمبر) دوران پاڪستان جو واپاري خسارو 32.92 سيڪڙو واڌ سان 9 ارب 36 ڪروڙ 80 لک ڊالر تائين پهچي ويو، جڏهن ته درآمد  ۾ به واڌ  ٿي، پر برآمدات ۾ گهٽتائي ٿي.وفاقي ادارو شماريات واپاري انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. اداري جي مطابق، سيپٽمبر ۾ سالياني بنيادن تي واپاري خساري ۾ 45.83 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته گذريل مهيني جي مقابلي ۾، مهيني بنيادن تي واپاري خسارو 16.33 سيڪڙو وڌي 3 ارب 34 ڪروڙ 10 لک ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.رپورٽ موجب، جولاءِ کان سيپٽمبر 2025 تائين ٻاهران شيون گهرائڻ ۾ 13.49 سيڪڙو واڌ آئي، جن جو مجموعي حجم 16 ارب 97 ڪروڙ 10 لک ڊالر رهيو. اداري جي مطابق، سيپٽمبر 2025 ۾ درآمد 5 ارب 84 ڪروڙ 50 لک ڊالر رهيون. رپورٽ موجب، جولاءِ کان سيپٽمبر 2025 دوران ملڪ جي برآمد ۾ 3.83 سيڪڙو گهٽتائي آئي ۽ پهرين ٽماهي ۾ انهن جو مجموعي حجم 7 ارب 60 ڪروڙ 30 لک ڊالر رهيو. وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته سيپٽمبر ۾ سالياني بنيادن تي برآمدات ۾ 11.71 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، ۽ سيپٽمبر 2025 ۾ ملڪ جي برآمدات جو حجم 2 ارب 50 ڪروڙ 40 لک ڊالر رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.