بظاهـر پاڪستان، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پيش ڪيل غزه امن منصوبي کان پاڻ کي پري رکڻ جي ڪوشش ڪندو نظر اچي رهيو آهي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار واضح ڪيو آهي ته هي منصوبو انهن نڪتن کان مختلف آهي، جيڪي اٺ مسلم ملڪن تجويز ڪيا هئا۔ اسحاق ڊار موجب ٽرمپ جي منصوبي ۾ جنگبندي، انساني امداد جي فراهمي ۽ جبري بي دخلي جي خاتمي جهڙا اهم نڪتا شامل ئي ناهن، تنهنڪري پاڪستان ان جي حمايت نٿو ڪري ۽ چيو: ”هي اسان جو دستاويز ناهي۔“
ياد رهي ته وائٽ هائوس پاران امن منصوبي جا نقطا جاري ڪرڻ ۽ ان کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ صدر ٽرمپ جي ملاقات کان صرف ڪجهه ڪلاڪ اڳ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ان منصوبي جو خيرمقدم ڪيو هو ۽ چيو هو: ”مان صدر ٽرمپ جي 20 نڪتن تي ٻڌل منصوبي جو ڀليڪار ڪريان ٿو، جنهن جو مقصد غزه ۾ جنگ جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ آهي. امن منصوبي جي اعلان جي موقعي تي صدر ٽرمپ اهو به دعويٰ ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فِيلڊ مارشل عاصم منير سندن غزه منصوبي جا ”100 سيڪڙو“ حامي آهن۔ پر جيئن ئي ان منصوبي جا تفصيل وائٽ هائوس جي ويب سائيٽ تي جاري ٿيا ته بظاهـر پاڪستان جي پريشاني وڌي وئي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن ئي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آمريڪي صدر ٽرمپ جي غزه امن منصوبي کان ڪجهه فاصلو اختيار ڪندي نظر آيو۔
پاڪستاني حڪومت جي هن اوچتي تبديلي کان پوءِ سوال پيدا ٿيو ته هي اوچتو رخ ڇو بدلجي ويو؟ ڇا پاڪستان شروعات ۾ ٽرمپ جي منصوبي جي حمايت ڪندي بي صبري جو مظاهرو ڪيو؟ ڇا هاڻوڪي تبديلي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي اصرار تي منصوبي ۾ ٿيل ترميمن جو ردعمل آهي؟ يا ان جي پويان پاڪستان اندروني سياسي دٻاءُ جو شڪار ٿيو؟ ياد رهي ته ٽرمپ جي منصوبي ۽ پاڪستان جي حمايت تي نه رڳو سياسي حلقن پر سوشل ميڊيا تي به سخت تنقيد ٿي آهي۔ ”ٽائمز آف اسرائيل“ جي هڪ رپورٽ مطابق نيتن ياهو ٽرمپ سان ملاقات دوران هن معاهدي ۾ ڪجهه تبديليون ڪرايون۔ رپورٽ موجب هاڻي اسرائيلي فوج جي غزه مان واپسي مخصوص شرطن سان مشروط ڪئي وئي آهي ۽ هڪ حفاظتي زون قائم ڪرڻ جي تجويز به شامل ڪئي وئي آهي، جيڪا اڳي منصوبي ۾ واضح نه هئي۔
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ٽرمپ جي غزه امن منصوبي ۾ اهي اهم نڪتا شامل ناهن، جيڪي پاڪستان ۽ ست ٻين مسلم ملڪن گڏجي تجويز ڪيا هئا۔ ڊار جو چوڻ هو: ”اهي هدف اسان هنن (ٽرمپ) کي ٻڌايا هئا ۽ چيو هو ته انهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان سان گڏ ڪم ڪيو وڃي۔“
اسحاق ڊار موجب، نيتن ياهو جي مداخلت کان پوءِ آمريڪي منصوبي ۾ تبديليون ڪيون ويون، جن ۾ اهڙيون شرطون شامل ڪيون ويون آهن، جن مطابق اسرائيل جي نيڪالي حماس جي هٿيار ڇڏڻ سان ڳنڍيو ويو آهي۔ جيو نيوز تي شاهزيب خانزادا جي پروگرام ۾ جڏهن هن کان سوال ٿيو ته ”ڇا هي اهو ئي معاهدو آهي جنهن تي اوهان اتفاق ڪيو هو؟“ ته ڊار جواب ڏنو: ”ان ۾ اسان جي تجويز ڪيل سڀ ترميمون شامل ناهن۔“ نائب وزيراعظم چيو ته قطر سميت ٻه عرب ملڪن يقين ڏياريو آهي ته حماس معاهدي کي قبول ڪندو۔ هن وڌيڪ وضاحت ڪئي: ”اسان ڪنهن ابراهم اڪارڊ جو حصو نه پيا بڻجون۔ اسان جي پاليسي ساڳي آهي: اسان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ڏانهن نه ٿا وڃون، اسان جو مقصد صرف انساني مدد، رت وهائڻ روڪڻ ۽ ويسٽ بينڪ کي بچائڻ آهي۔“ ان موقعي تي جڏهن ميزبان پڇيو ته ”نيتن ياهو جي ضمانت ڪير ڏيندو؟ ڇا اوهان ٽرمپ تي ڀروسو ٿا ڪريو؟“ ته ڊار چيو: ”گارنٽي ڪير ڏئي سگهي ٿو؟ ان ڪري ته اسان اسرائيل سان سڌو رابطو نه ڪيو آهي۔ يورپي ڪوششون ناڪام ٿيون، هاڻي رستو اهو آهي ته يا ته وڌيڪ فلسطيني مري وڃن يا فوراً بچاءُ ڪجي۔ منهنجي خيال ۾ ٽرمپ ذريعي اهو بهتر طريقي سان ٿي سگهي ٿو۔ اٽلانٽڪ ڪائونسل سان لاڳاپيل ڊين شاپيرو، جيڪو اسرائيل ۾ آمريڪا جو اڳوڻو سفير رهيو آهي، بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته بظاهـر سڀ کان اهم تبديلي اها آهي ته اسرائيلي فوج جي واپسي هاڻي ٽرمپ جي نه پر نيتن ياهو جي مرضي سان ڳنڍيل آهي۔ ان کان پوءِ ڊين شاپيرو وضاحت ڪئي ته واپسي جا مرحلا هاڻي حماس جي هٿيار ڇڏڻ سان لاڳاپيل هوندا ۽ آخري مرحلي ۾ به اسرائيلي فوج غزه ۾ حفاظتي زون برقرار رکندي۔
قائداعظم يونيورسٽي سان لاڳاپيل پروفيسر محمد شعيب چيو ته پاڪستان جو محتاط رويو رڳو هن دستاويز تائين محدود ناهي، پر ان جو تعلق ملڪ جي اندروني سياست سان به آهي، ڇاڪاڻ ته ”هتي ڪنهن اسرائيلي اڳواڻ سان هٿ ملائڻ به سياسي ڪيريئر لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو۔“ پروفيسر شعيب موجب، پاڪستان هن معاهدي کان مڪمل پري نه ٿيندو پر اصل مقصد اهو آهي ته عرب ۽ ترڪ قيادت اڳتي اچي، ۽ پاڪستان پنهنجي عوامي راءِ کي مثبت رکندي گڏ هلندو۔ ٻئي طرف پاڪستان اندر سياسي ۽ مذهبي حلقن کان وٺي سوشل ميڊيا تائين ٽرمپ جي منصوبي تي سخت تنقيد جاري آهي۔ پاڪستان تحريڪ انصاف ان کي اقوام متحده جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ٽرمپ جو ”امن منصوبو، جيڪو لکين فلسطيني لاشن تي بيٺل آهي، ظالمن سان گڏ بيهڻ جي برابر آهي۔“
ٽرمپ جي فريم ورڪ ۾ غزه جي ٻيهر تعمير ۽ فلسطيني رياست جي قيام جو به ذڪر آهي، پر اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو واپسي تي پنهنجي عوام کي چيو ته ”اسان فلسطيني رياست جي قيام تي ڀرپور مزاحمت ڪنداسين۔“ هن سموري پس منظر ۾ منصوبي جون خوبيون ۽ خاميون ساڳئي وقت نظر اچن ٿيون۔ منصوبي جي طاقت اها آهي ته پهريون دفعو آمريڪي صدر اسرائيل تي جنگ ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، پر ان جي ڪمزوري اها آهي ته تفصيل گهٽ آهن ۽ اسرائيل کي ويٽو جا اختيار گهڻا آهن۔ جيڪڏهن هي معاهدو اڳتي وڌڻو آهي ته سخت ڳالهين ۽ پُرعزم سياسي حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ڇو ته ڊگهي عرصي تائين بنا آزاد فلسطيني رياست جي ڪنهن به حل سان مستقل امن ممڪن ناهي۔