ڏاج لڙهي ويو پر محبت ۽ حوصلو باقي، خيمي ۾ ٻوڏ متاثرن جي انوکي شادي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي چوهنگ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪيتريون ئي خيما وسنديون قائم ڪيون ويون آهن، جتي راوي درياهه جي ٻوڏ سبب گهر کان محروم ٿيل ڪٽنب عارضي رهائش اختيار پيا ڪن.
انهن متاثر ڪٽنبن جا گهر ۽ قيمتي سامان به ٻوڏ ۾ لڙهي ويو هو، پر اهڙي ڏکئي وقت ۾ خيما وسندي ۾ هڪ غير معمولي خوشي جو واقعو پيش آيو، جتي ٻن ڪٽنبن پنهنجي ٻارن جي شادي جو فيصلو اڌ ڪلاڪ ۾ طئي ڪيو ۽ سڄي خيما وسندي شادي هال ۾ تبديل ٿي وئي.
الخدمت فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ پهرين سيپٽمبر تي خيما وسندي قائم ڪئي وئي هئي، جتي 21 ورهين جي طيبه ۽ 26 ورهين جي علي رضا پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪئي.
طيبه جو پيءُ محمد رياض ٻڌائي ٿو ته سندس گهر ٿيم پارڪ ۾ هو جيڪو پاڻي ۾ ٻڏي ويو، کيس 3 پٽ ۽ 6 ڌيئرون آهن، مون پنهنجي ڌيئرن لاءِ ڏاج جو سامان گڏ ڪيو هو پر سڀ ڪجهه ٻوڏ ۾ لڙهي ويو.
طيبه اڳ هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي هئي پر ٻوڏ کان پوءِ نوڪري وڃائي ويٺي، پوءِ خيما وسندي ۾ قائم اسڪول ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، ٻئي طرف علي رضا خانگي ڪمپني ۾ ميڊيڪل بلنگ جو ڪم ڪندو هو.
الخدمت فائونڊيشن جي سينيئر مينيجر شعيب هاشمي ٻڌايو ته طيبه ٻين دوستن سان گڏ فلاح لاءِ ڪم ڪندي رهي، ٻارن جي کير ۽ ڊائپرز تائين جو خيال رکندي هئي.
علي رضا جي والده ڪوثر بي بي موجب مون طيبه کي وسندي ۾ ڪم ڪندي ڏٺو ۽ پوءِ سندس خاندان سان مليس.
پنج ڏينهن اڳ ڪوثر بي بي محمد رياض جي خيمي ۾ پهتي ۽ رشتو گهريو، محمد رياض موجبڪجهه ئي منٽن ۾ ڳالهه طئي ٿي وئي ۽ اڌ ڪلاڪ ۾ رشتو پڪو ٿي ويو.
ٻئي خاندان مٺائي وٺي وسندي جي ذميوارن وٽ آيا ۽ شاديءَ جي خوشخبري ڏني، انتظاميا ان موقعي کي شاديءَ جي تقريب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
الخدمت وومين ونگ ٽرسٽ جي آسان شادي پراجيڪٽ تحت نئين جوڙي کي تحفا ڏنا ويا، جن ۾ چادرون، ڊنر سيٽ، ٿانو، پکا، سلائي مشين، ڪولر ۽ ٻيون شيون شامل هيون.
شعيب هاشمي ٻڌايو ته ”اسان وسندي ۾ ئي شاديءَ جو پروگرام ٺاهيو، ڄڻ ويراني ۾ بهار اچي وئي هجي.
شاديءَ جي تقريب وسندي ۾ ئي ٿي، جتي وليمو به رکيو ويو، ان موقعي تي ٻنهي ڪٽنبن جا ماڻهو تمام خوش نظر آيا.
گهوٽ جي ماءُ چيو ته ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺاسين پر پٽ جي شادي جي خوشي الڳ آهي، اها ته روز روز ناهي ايندي، تنهن ڪري اسان خوشي ملهائي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.