کنڊ جي کوٽ ختم، وڌيڪ درآمد نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت کنڊ جي وڌيڪ درآمد روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سرڪاري اختيارين موجب غذائي تحفظ واري وزارت ۾ شگر اسٽاڪس جو جائزو ورتو ويو، جنهن دوران کنڊ جي وڌيڪ درآمد روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ذريعي وڌيڪ کنڊ درآمد نه ڪئي ويندي، ملڪ ۾ کنڊ جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن، وڌيڪ درآمد ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
اختيارين موجب کنڊ جي درآمد 3 لک ميٽرڪ ٽن جي موجوده معاهدن تائين محدود رهندي، 3 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جا آرڊر اڳ ئي ڏنا ويا آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ حڪومت 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.