ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار پنهنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو ارب پتي بڻجي ويا آهن ۽ هاڻي انهن جو ڳاڻيٽو دنيا جي امير ترين اداڪارن ۾ ٿيندو.
ڀارت جي امير ترين ماڻهن جي سالياني درجابندي ”هورون ڀارت رچ لسٽ 2025“ موجب، شاهه رخ خان مجموعي اثاثن جي ماليت جو ڪاٿو هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالر آهي.
ان ”ارب پتي“ ڪلب ۾ شاهه رخ خان کانسواءِ آرنلڊ شوارزنيگر، پاپ اسٽار ريحانا، گالفر ٽائيگر ووڊس ۽ ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ جهڙيون شخصيتون پڻ شامل آهن.
فهرست ۾ بالي ووڊ جون ٻيون شخصيتون جن ۾ جوهي چاولا، اداڪار ريتڪ روشن، اميتاڀ بچن ۽ هدايتڪار ڪرن جوهر به شامل آهن.
بالي ووڊ جي ”ڪنگ آف رومانس“شاهه رخ خان هندي سئنما ۾ ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذاريو آهي، ان دوران هن هڪ اداڪار کان وڏو پروڊڪشن هائوس هلائڻ ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جو مالڪ بڻجڻ تائين جو سفر طئي ڪيو آهي.
هورون ڀارت جي باني ۽ چيف ريسرچر انس رحمان جنيد پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاهه رخ خان جي ارب پتي حيثيت جو بنيادي ڪارڻ ريڊ چليز انٽرٽينمينٽ نالي سنس پروڊڪشن ڪمپني ۽ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز نالي سندس آءِ پي ايل ڪرڪيٽ ڪلب ۾ شيئرز آهن.
سندس آمدني جا ٻيا ذريعا فلمن جي ڪمائي، اشتهارن سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ رئيل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري پڻ آهي.
جنيد موجب، ارب پتين جي فهرست ۾ شاهه رخ خان جو شامل ٿيڻ ڀارت جي معاشي ترقي جي محرڪن جي بدلجندڙ نوعيت جي عڪاسي ڪري ٿو.
جنيد چيو ته جيئن جيئن ڀارت جي معيشت مضبوط ٿي رهي آهي، اسان ڏسي رهيا آهيون ته مينوفيڪچرنگ، آءِ ٽي ۽ بئنڪنگ جهڙن روايتي شعبن کان هٽي ڪري نوان لاڙا متعارف ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته راند، تفريح ۽ آءِ پي ايل تي هلندڙ ڪاروبار هاڻي ”ڀارت ۾ دولت پيدا ڪرڻ جي سنجيدا انجڻ“ بڻجي ويا آهن.
جنيد موجب، اِهو عمل آمريڪا ۾ ٿيندڙ ارتقا سان ملندڙ جلندڙ آهي، جتي اميرن جي فهرستن تي ڪڏهن صنعتڪارن ۽ بئنڪرن جو راڄ هوندو هو پر هاڻي اتي مائيڪل جورڊن ۽ ليبرون جيمز جهڙيون شخصيتون به نظر اچن ٿيون.
پر فوربز موجب، جيتوڻيڪ ڪيترائي مشهور ماڻهو يقين نه ڪرڻ جوڳي حد تائين امير آهن، پر ”انهن جي مجموعي ماليت جو ڏهه انگن تائين پهچڻ هڪ غير معمولي ڳالهه آهي.“
هلندڙ سال بالي ووڊ جون چار ٻيون مشهور شخصيتون ۽ سندن ڪٽنب به هورون جي فهرست ۾ شامل ٿيا، پر شاهه رخ خان جي دولت جو ڪاٿو نمايان طور تي انهن کان وڌيڪ آهي.
ڪيئي فلمن ۾ شاهه رخ خان جي ساٿي اداڪارا جوهي چاولا ۽ سندن ڪٽنب جي مجموعي ماليت 88 ڪروڙ ڊالر سان ٻئي نمبر تي آهي.
فهرست ۾ ريتڪ روشن به شامل آهي جنهن مجموعي ماليت 26 ڪروڙ ڊالرم هدايتڪار ڪرن جوهر 20 ڪروڙ ڊالر، ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن ۽ سندس خاندان 18 ڪروڙ 30 لک ڊالر سان ٽئين نمبر تي آهن.
سال 2024 ۾ ڪرن جوهر جو نالو ان وقت خبرن ۾ آيو جڏهن هن پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني ڌرما پروڊڪشن ۾ 50 سيڪڙو شيئرز ارب پتي آدر پوناوالا کي 11 ڪروڙ 90 لک ڊالر ۾ وڪرو ڪيا هئا.
ڀارت ۾ هن سال ارب پتي ماڻهن جو مجموعي انگ 350 کان وڌي وئي آهي.
You might also like